اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي تي هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم مٿان حراسان ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته مون سان ايف آءِ جي جاچ ٽيم غير مناسب رويو اختيار ڪيو، ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم مون سان بيهوده گفتگو ڪئي، ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم جو رويو مون کان برداشت نه ٿيو ۽ مان اٿي بيهي چيو ته توهان مون سان ائين ڇو ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي ايف آءِ اي آفيسر وڏي آواز ۾ کلي منهنجو مذاق اڏائيندا رهيا، جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته نيب ڪيسن بعد هاڻي ايف آءِ اي کي مون خلاف اهي ئي ڪيس ڏنا ويا آهن، مون مٿان الزام آهي ته مون منصوبن ۾ ڪميشن کاڌي، مان ايف آءِ اي کي جواب ڏئي چڪو آهيان، شهباز شريف چيو ته مون شگر ملن ۾ پنهنجي فيملي جو اربين رپين جو نقصان ڪيو، عوام کي سستي کنڊ فراهم ڪئي، مون بيواهن ۽ پنجاب جي غريب عوام جي خدمت ڪئي ۽ عوام کي سستي کنڊ فراهم ڪئي، هن چيو ته مون چين سان گڏجي سستا بجلي گهر لڳايا.