اسلام آباد (بيورو رپورٽ) واپڊا 13 ڏينهن تائين هوڏ تي قائم رهڻ کان پوءِ آخر ڪار ارسا جي فراهم ڪيل انڊينٽ تحت تربيلا مان زرعي مقصدن لاءِ هڪ لک 55 هزار 500 ڪيوسڪس پاڻي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو، درياهن جي وهڪرن ۾ اضافي سبب سنڌ صوبي کي 10 هزار ڪيوسڪ اضافي پاڻي ڏيڻ جي ارسا اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافي باوجود سنڌ ۾ پاڻي جي آمد ۾ گهٽتائي جو انڪشاف ٿيو آهي تفصيل موجب ملڪ اندر شروع ٿيل برساتن جي سلسلي کان پوءِ ڪالهه درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافو ٿيو آهي، هڪ ڏينهن اندر درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ مجموعي طور تي 28 هزار 600 ڪيوسڪ جو اضافو ٿيو آهي، ڪالهه مجموعي طور تي درياهن ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 98 هزار 900 ڪيوسڪ تي پهتي آهي، هڪ ڏينهن اڳ درياهن ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 70 هزار 300 ڪيوسڪ هئي، اهڙي ريت ڪالهه هڪ ڏينهن اندر درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ 28 هزار 600 ڪيوسڪ جو اضافو ٿيو آهي، اهڙي ريت ڪالهه تربيلا ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 56 هزار 800 ڪيوسڪ رهي، هڪ ڏينهن اندر تربيلا ۾ پاڻي جي آمد ۾ 16 هزار 400 ڪيوسڪ جو اضافو ٿيو آهي، هڪ ڏينهن اڳ منگلا ۾ پاڻي جي آمد 38 هزار 900 ڪيوسڪس هئي، ڪالهه منگلا ۾ پاڻي جي آمد وڌي 40 هزار 300 ڪيوسڪ تي پهتي آهي، هڪ ڏينهن اڳ چشما ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 73 هزار 300 ڪيوسڪ هئي، جيڪا ڪالهه چشما ۾ پاڻي جي آمد وڌي هڪ لک 81 هزار 600 ڪيوسڪ تي پهتي آهي، اهڙي ريت هڪ ڏينهن اڳ چناب درياهه ۾ هيڊ مرلا جي مقام تي پاڻي جي آمد 55 هزار 300 ڪيوسڪ هئي، جيڪا ڪالهه وڌي 67 هزار 900 ڪيوسڪ تي پهتي آهي، درياهن ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي کان پوءِ 13 ڏينهن مسلسل ارسا جي حڪمن کي نظر انداز ڪندڙ واپڊا آخرڪار ڪالهه کان ارسا پاران فراهم ڪيل انڊينٽ تحت زرعي مقصدن لاءِ تربيلا مان پاڻي جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي، واپڊا ڪالهه تربيلا مان زرعي مقصدن لاءِ پاڻي جي فراهمي وڌائي هڪ لک 55 هزار 500 ڪيوسڪ ڪري ڇڏي آهي، پهريان تربيلا مان زرعي مقصدن لاءِ پاڻي جي فراهمي هڪ لک 34 هزار ڪيوسڪ ڪئي پئي وئي، اهڙي ريت ڪالهه واپڊا تربيلا مان 21 هزار 500 ڪيوسڪس اضافي پاڻي فراهم ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي، تربيلا مان پاڻي جي اضافي فراهمي ۽ درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافي کي سامهون رکندي ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي سنڌ کي پاڻي جي فراهمي ۾ اضافو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ذريعن مطابق ارسا پاران اصولي طور تي سنڌ کي 10 هزار ڪيوسڪ اضافي پاڻي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري چشما وٽان پاڻي ڇوڙ هڪ لک 60 هزار ڪيوسڪ کان وڌائي هڪ لک 70 هزار ڪيوسڪ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته سنڌ کي 10 هزار ڪيوسڪ اضافي پاڻي جي فراهمي اڄ آچر ڏينهن کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن کان پوءِ سنڌ کي روزانو پاڻي فراهمي هڪ لک 39 هزار ڪيوسڪ کان وڌي هڪ لک 49 هزار ڪيوسڪس ٿي ويندي، ان حوالي سان ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو آهي ته ارسا سنڌ کي 10 هزار اضافي ڪيوسڪ فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ارسا ترجمان خالد رانا “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته تربيلا مان پاڻي جي فراهمي وڌي هڪ لک 55 هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي، درياهن ۾ به پاڻي جي آمد ۾ اضافوٿيو آهي، ان ڪري صوبن کي پاڻي جي فراهمي ۾ باضابطه تبديلي اڄ آچر يا سومر ڏينهن ٿيندي، هوڏانهن درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافي باوجود گڊو بيراج وٽ سنڌ صوبي لاءِ فراهم ٿيندڙ پاڻي وهڪرن ۾ اضافي بجاءِ گهٽتائي ٿي آهي، هڪ ڏينهن پهريان گڊو بيراج جو مٿيون وهڪرو هڪ لک 23 هزار 100 ڪيوسڪ هو جڏهن ته ڪالهه گڊو بيراج جو مٿيون وهڪرو گهٽجي هڪ لک 19 هزار 900 ڪيوسڪ تي پهتو آهي، ان حساب سان هڪ ڏينهن اندر گڊو بيراج وٽ جي مٿين وهڪري ۾ 4 هزار 800 ڪيوسڪ وهڪرن ۾ گهٽتائي آهي، جڏهن ته ارسا پاران سنڌ کي هڪ لک 39 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي پر گڊو بيراج جو مٿيون وهڪرو هڪ لک 19 هزار 900 ڪيوسڪ آهي، ان حساب سان سنڌ کي ملندڙ حصي جي پاڻي کان 19 هزار 100 ڪيوسڪ پاڻي گڊو بيراج وٽ ڪالهه گهٽ پهتو آهي، گڊو بيراج جو هيٺيون وهڪرو ڪالهه 85 هزار 600 ڪيوسڪ رهيو، سکر بيراج جو مٿيون وهڪرو ڪالهه 79 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو 30 هزار 600 ڪيوسڪ رهيو، ڪوٽڙي بيراج جو مٿيون وهڪرو ڪالهه 32 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بيراج جي ڊائون اسٽريم ۾ رڳو 500 ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو ويو.