اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ارسا پاران هلندڙ خريف سيزن دوران سنڌ کي حصي تحت پاڻي فراهم نه ڪرڻ جا ڀيانڪ نتيجا سامهون اچي ويا آهن، پاڻي کوٽ سبب سنڌ اندر سارين جي 90سيڪڙو پوکائي گهٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڪمند 39 سيڪڙو ۽ وونئڻن جي 8 سيڪڙو گهٽ پوکائي ٿي آهي. تفصيل موجب ارسا پاران هلندڙ خريف سيزن دوران سنڌ کي حصي جو پاڻي فراهم نه ڪرڻ سبب سنڌ صوبي ۾ خريف سيزن جي مک فصلن جي سنڌ اندر پوکي شديد متاثر ٿي آهي، سارين جي پوکائي جي مقرر هدف جي مقابلي ۾ رڳو 10 سيڪڙو ايراضي تي ساريون پوکجي سگهيون. “پنهنجي اخبار” وٽ سنڌ حڪومت جي موجود سرڪاري دستاويز ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هلندڙ خريف سيزن دوران سنڌ صوبي ۾ 8 لک هيڪٽر ايراضي تي سارين جي پوکائي جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، پر پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ صوبي ۾ 30 جون تائين مقرر هدف کان 10 سيڪڙو ايراضي يعني 96 هزار 120 هيڪٽر ايراضي تي سارين جي پوکائي ٿي سگهي آهي، سنڌ جي ذميوار آبپاشي عملدار “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو آهي ته 30 جون تائين سنڌ اندر سارين جي لوڪل ورائٽي جي پوکائي ٿي پئي سگهي، پر پاڻي جي کوٽ سبب رڳو 10 سيڪڙو پوکائي ٿي سگهي آهي، هاڻي سارين جا هائبرڊ ٻج پوکي سگهجن ٿا پر في ايڪڙ پيداوار به گهٽ ٿيندي ۽ سنڌ ۾ جيڪي خاص طور تي ايري چانور ايڪسپورٽ ٿيندا آهن انهن جي پوکي نه ٿي سگهندي، دستاويز ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گذريل سال 2020ع جي خريف سيزن ۾ به 8 لک هيڪٽر ايراضي تي سارين جي پوکي جو هدف هو، پر رڳو مقرر هدف 8 لک هيڪٽر جي مقابلي 3 لک 20 هزار 210 هيڪٽر ايراضي تي ساريون پوکجي سگهيون هيون، گذريل سال به مقرر هدف جي مقابلي ۾ رڳو 40 سيڪڙو ايراضي تي ساريون پوکجي سگهيون هيون پر هن سال خريف سيزن ۾ گذريل سال جي خريف سيزن جي مقابلي ۾ به گهٽ سارين جي پوکي ٿي آهي، دستاويز مطابق هلندڙ سال خريف سيزن ۾ 3 لک 10 هزار هيڪٽر ايراضي تي ڪمند جي پوکائي جو ٽارگيٽ هو پر هلندڙ سال رڳو هڪ لک 89 هزار 100 هيڪٽر ايراضي تي ڪمند جي پوکائي ٿي سگهي آهي، مطلب ته مقرر هدف جي مقابلي ۾ رڳو 61 سيڪڙو ايراضي تي ڪمند جي پوکائي ٿي آهي، 39 سيڪڙو هدف کان گهٽ پوکائي ٿي آهي، دستاويز مطابق گذريل سال 2020ع جي خريف سيزن ۾ ڪمند جي پوکائي جو هدف 3 لک 10 هزار هيڪٽر ايراضي هو، جنهن مان 90 سيڪڙو ايراضي يعني 2 لک 79 هزار هيڪٽرن تي ڪمند جي پوکائي ٿي سگهي هئي، اهڙي ريت هلندڙ سال جي خريف سيزن ۾ سنڌ اندر وونئڻن جي پوکائي جو هدف 6 لک 40 هزار هيڪٽر ايراضي تي هو، جنهن مان 92 سيڪڙو ايراضي يعني 5 لک 90 هزار 246 هيڪٽر ايراضي تي ڪپهه جي پوکائي ٿي سگهي آهي، اهڙي ريت هن سال پاڻي جي کوٽ سبب ڪپهه جي پوکائي جو گذريل سال واري مقرر ڪيل هدف کان به 8 سيڪڙو ايراضي تي گهٽ ڪپهه جي پوکائي ٿي آهي، گذريل سال 2020ع ۾ پوکائي جو هدف 6 لک 40 هزار هيڪٽر ايراضي هو، جنهن مان 96 سيڪڙو ايراضي يعني 6 لک 14 هزار 611 هيڪٽر ايراضي تي پوکائي ٿي هئي.