شهباز حڪومت اسحاق ڊار جي گهر ۾ قائم  پناهه گاهه به ختم ڪرائي ڇڏي

0
162
شهباز حڪومت اسحاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهباز حڪومت لاهور ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي رهائشگاهه هجويري هائوس ۾ قائم  پناهه گاهه به ختم ڪرائي ڇڏي

ذريعن موجب لاهور جي ضلعي انتظاميه اسحاق ڊار جي گلبرگ ۾ هجويري هائوس لاهور ۾ قائم ڪيل پناهه گاهه ختم ڪري ان جي صفائي ڪرائي وئي آهي

ياد رهي ته گذريل حڪومت پيسا نه ڏيڻ ۽ عدالت پاران بار بار طلب نه ڪرڻ تي گلبرگ ۾ اسحاق ڊار جي هجويري هائوس کي نيلامي لاءِ ضلعي انتظاميه حوالي ڪيو ويو هو

ضلعي انتظاميا 2020ع ۾ هجويري هائوس نيلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ڪو به خريدار نيلامي ۾ حصو نه ورتو هو

جڏهن ته نيلامي نه ٿيڻ تي هجويري هائوس پناهه گاه ۾ تبديل ٿي ويو هو پر هاڻ شهباز شريف جي حڪومت پناهه گاهه کي ختم ڪرا ئي ڇڏي