سنجهورو ويجهو نينگري جو لاش هٿ، وارثن پاران واقعو آپگهات قرار

0
186
سنجهورو ويجهو نينگري

سنجهورپ (ن پ ا) سنجهوري ويجهو 19 جمڙائو واري علائقي ۾ 16 ورهين جي نينگري جو مبينا طور گولي لڳل لاش هٿ آيو، جنهن جي وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو

اطلاع تي پوليس پهچي رابعه ڀٽي جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سنجهورو منتقل ڪيو، نينگري جي والد خان محمد ڀٽي جو چوڻ هي ته منهنجي ڌي رابعه گهر ۾ پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آھي

هن چيو ته منهنجي ڌي تيز طبيعت جي هئي ۽ گهر ۾ اڪيلي هئي هن پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪيو، اسان کيس زخمي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو پر هو زخمن جا سور نه سهندي رات جو هڪ بجي فوت ٿي وئي

سنجهورو پوليس چيو آهي ته وارثن جو مبينا آپگهات وارو بيان شڪي آھي،  سندس والد بيان ڏنو آھي ته منهنجي نياڻي بنا ڪنهن خاص سبب جي پنهنجي زندگي جو انت آندو آھي

پوليس چيو ته وارثن واقعي جو اطلاع به هڪ ڏينهن گذرڻ بعد ڏنو، 12 بور جي بندوق مان پاڻ مٿان فائر معاملي کي شڪي بڻائي ٿو،  واقعي بابت اصل حقيقت پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ظاهر ٿيندي

ھي به پڙھندا

ننگرپارڪر: نينگري جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ