سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ تازي ٿيل  اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ليڪچررز جي مقررين کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. درخواستگذار جي وڪيل جعفر شاهه مطابق شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ اهل اميدوارن کي نظرانداز ڪري سياسي بنيادن تي من پسند ۽ پنهنجا نوازي تحت ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسرن جو مقرريون ڪيون ويون آهي، مقررين بابت جوڙيل سليڪشن ڪاميٽي به قانون جي ابتڙ ۽ غيرقانوني آهي. عدالت شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار کان 19 فيبروري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ٻئي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران ڊاڪٽر نور چانڊيو جي جاگرافيائي شعبي ۾ مقرري کي چئلينج ڪرڻ واري درخواست تي وائيس چانسلر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڊاڪٽر نائلا بتول جي طرفان ڊاڪٽر نور چانڊيو جي مقرري کي چئلينج ڪرڻ واري درخواست جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل مطابق ڊاڪٽر نور چانڊيو آرڪيالاجي شعبي جو آهي ان کي جاگرافيائي شعبي ۾ غيرقانوني طريقي سان مقرري ڪئي وئي آهي، وڪيل جعفر شاهه مطابق ڊاڪٽر نور چانڊيو جي مقرري بابت شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي طرفان ڏنل جواب مان عدالت مطمئن ناهي ٿي. تنهن ڪري عدالت وائيس چانسلر کي ذاتي حيثيت ۾ 3 مارچ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.