سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ويجهو ٽئين ڏينھن به ڳوٺاڻن پاران بدستور پوليو مھم جو بائيڪاٽ، مطالبا پورا ڪرڻ جي خاطري تي ڪجھه ڳوٺن جي چڱن مڙسن کي انتظاميا راضي ڪري ورتو، بائيڪاٽ ختم، خبر موجب سنڌڙي تعلقي جي يوسي ڦلھڏيون، سرھل، اسماعيل ڪنڀار جي ديھن ۽ ھنڱورنو ٽائون ڪاميٽي جي ڪجھه وارڊن ۾ ٽن ڏينھن کان ھلندڙ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪالهه ٽئين ڏينهن به جاري رھيو، يوسي سرھل جا ڳوٺ ملوڪ پھوڙ، يار محمد ڀيو، الھه بخش نھڙي، عبدالرحيم پھوڙ سميت ٻين ڳوٺن ۾ ڳٺاڻن پوليو جو بائيڪاٽ جاري رکيو، جنهن بعد ڦڙا پيارڻ لاءِ آيل ٽيمون واپس روانيون ٿي ويون، ٻئي پاسي جي يو آءِ اڳواڻ رفيق سومرو کي ڊي سي آفيس گھرائي مطالبا تسليم ڪري پاڻي نيڪال ڪرڻ واري خاطري تي بائيڪاٽ ختم ڪرايو، جنھن بعد تگوسر ديھه جي ڪجھه ڳوٺن ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا، جڏهن ته ھنڱورنو ٽائون جي مختلف ڳوٺن ۾ اي سي سنڌڙي جي خاطري تي بائيڪاٽ ختم ڪيو ويو، ھوڏانھن فوڪل پرسن ڊاڪٽر رشيد مري موجب ڪجھه ڳوٺن بائيڪاٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجھه ڳوٺن جي ڳوٺاڻن انڪار ڪيو، هن چيو ته اڄ وري ڪوششون ڪنداسين ته ڳوٺاڻا پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارين.