ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ”بادشاهه“ شاهه رخ خان جي ايندڙ ايڪشن ٿرلر فلم“پٺان” جو پهريون ٽيزر جاري ڪندي ان کي ايندڙ سال 25 جنوري تي رليز ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ”پٺاڻ“ سان شاه رخ خان اٽڪل اڌ ڏهاڪي بعد وڏي پردي تي واپسي ڪندو، ان کان اڳ سندس آخري فلم ”زيرو“ 2018 ۾ ريليز ٿي هئي. ”پٺان“ جي شوٽنگ گذريل ٻن سالن کان جاري هئي ۽ امڪان هو ته ان کي 2022۾ رليز ڪيو ويندو پر هلندڙ سال شاه رخ خان فلم جو موشن ٽيزر جاري ڪندي ان کي جنوري 2023 ۾ ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هاڻي فلم جو مختصردورانئي جو ٽيزر جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ شاهه رخ کانسواءِ فلم جي مرڪزي ڪردارن ۾ جان ابراهيم ۽ دپيڪا پاڊوڪون  جا ڪردار شامل آهن. ٽيزر سان فلم جي ڪهاڻي سمجهڻ مشڪل آهي پر اهو امڪان آهي ته شاهه رخ خان جاسوس جي روپ ۾ نظر ايندو، جنهن جي ڳولا ۾ نه رڳو ڳجها ادارا هوندا آهن پر ٻيا ماڻهو به ڳوليندا آهن.