ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت بنگلاديش کي 5 رنز، نيڌرلينڊ زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنز ٺاهيون. ڪي ايل راهول 50 ۽ ويرات ڪوهلي 64 رنز ٺاهي نمايان رهيا. بنگلاديش طرفان حسن محمود 3 ۽ شڪيب الحسن 2 وڪيٽون ورتيون. بنگلاديش 16 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 145 رنز ٺاهيون ته برسات شروع ٿي وئي جنهن سبب ميچ ٻيهر نه ٿي سگهي. ڀارت کي ڊڪ ورٿ ليوس ميٿڊ تحت 5 رنز تان ڪامياب قرار ڏنو ويو. بنگلاديش طرفان لٽن داس 27 بالن تي 60 رنز جي جارحاڻي اننگز کيڏي. ويرات ڪوهلي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. هوڏانهن ٻي ميچ ۾ نيڌرلينڊ زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. زمبابوي پهريان بيٽنگ ڪندي 19.2 اوورن ۾ 117 رنز تي ڍير ٿي وئي. سڪندر رضا 40، سين وليمس 28 رنز ٺاهي نمايان رهيا، ٻيو ڪوبه رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه آيو. نيڌرلينڊ 18 اوورن ۾ هدف پورو ڪيو. ميڪس او دائود 52 رنز ٺاهي نمايان رهيو کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.