نيويارڪ(دلچسپ نيوز) شادي جي منڊي ڳولڻ لاءِ بينڪ ملازم ڪچري جي ڊٻي اندر هليو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست نارٿ ڊڪونا جي شهر بسمارڪ ۾ بينڪ ملازمه ٽرينا برنس جي منڊي گم ٿي وئي، عورت شادي جي 35 سال پراڻي منڊي گم ٿيڻ سبب پريشان ٿي وئي، گهر ۾ ڳولا باوجود هٿ نه آئي، ٽرينا ٻئين ڏينهن ڊيوٽي تي وئي ۽ ساٿين کي منڊي گم ٿيڻ بابت ٻڌايو ته انهن ڳولا به شروع ڪري ڏني، ساٿي ايترا ته جذباتي ٿي ويا جو هڪ بينڪ ملازم ڪچري واري ڊٻي اندر هليو ويو جنهن سبب سندس حالت به خراب ٿي وئي پر مندي نه ملي، لاڳيتو ٻن ڏينهن تائين ڳولا ڪرڻ بعد نيٺ برنس کي اها منڊي بينڪ جي پارڪنگ مان هٿ اچي وئي. ٽرينا برنس ان موقعي تي ساٿي ملازمن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي يادگار منڊي ملڻ تي انتهائي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو، سندس چوڻ هو ته منهنجي دوست پنهنجي حالت جي پرواهه نه ڪندي ڪچري جي ڊٻي ۾ منڊي جي ڳولا ڪئي جنهن تي آئون سموري حياتي سندس شڪر گذار رهنديس.