سپريم ڪورٽ جو تاريخي فيصلو

0
302
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪي ڪي فيصلا ادارن جي سمت ۽ رخ طئي ڪندا آهن،اهڙا فيصلا مثال بڻجي ويندا آهن ۽ عوام جو انهن ادارن تي اعتماد بحال ٿي ويندو آهي،ملڪ جي سڀ کان وڏي انصاف جي اداري به ڪالهه هڪ اهڙو ئي بي مثال ۽ تاريخي فيصلو ڏنو آهي جنهن عوام جو انصاف تي يقين پختو ڪري ڇڏيو آهي،اهو ڪيس به ڪو معمولي ڪيس نه هو انهي جو پٽيشنر سپريم ڪورٽ جو ئي هڪ معزز جج هو جنهن ڪيس تي سڄي ملڪ ۽ ٻاهرين دنيا جون به نظرون کتل هيون،ماضي ۾ انصاف جي ادارن جا کوڙ اهڙا فيصلا آهن جن کي عوامي پذيرائي نه ملي بلڪه اهي تڪراري رهيا ۽انهن تي آڱريون کڄنديون رهيون.
ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت سپريم ڪورٽ ڪالهه جسٽس فائز عيسٰي قاضي جي نظرثاني اپيل منظور ڪندي پنهنجي پهريان واري فيصلي کي ڪالعدم ڪري ڇڏيو آهي، نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي ڪندڙ 10 رڪني بئنچ 4 جي مقابلي ۾ 6 جي اڪثريت سان فيصلو ڏنو آهي.سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدر سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس موڪليو هو جنهن کي جسٽس قاضي فائز عيسٰي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو جنهن جي شنوائي ڪندي 10 رڪني بئينچ ريفرنس ته رد ڪري ڇڏيو پر فيصلو ڏنو ته ايف بي آر جي رپورٽ جو سپريم جڊيشل ڪائونسل جائزو وٺي سگهي ٿي اهو فيصلو ست ججن جي اڪثريت سان ڏنو ويو هو، جڏهن ته 3 ججن ان جي مخالفت ڪئي هئي. انهي فيصلي خلاف جسٽس فائز عيسٰي قاضي، ان جي گهرواري ۽ وڪيلن جي مختلف فورمن نظر ثاني جي اپيل داخل ڪئي هئي جنهن تي ڪالهه سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ٻڌائيندي اها نظرثاني جي اپيل منظور ڪري ڇڏي.سمجهيو ۽ چيو اهو پيو وڃي ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي کانپوءِ ڪجهه ڌريون سرگرم ٿيون ۽ جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڇاڪاڻ ته قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي سينيارٽي جي حساب سان ايندڙ چيف جسٽس ٿيڻو آهي ۽ ڪجهه ڌريون نه پيون چاهين ته هو چيف جسٽس ٿئي ان ڪري ان جي راهه ۾ رنڊڪون وجهڻ جون ڪوششون ڪيون ويون جنهن خلاف جسٽس قاضي فائز عيسٰي قانوني ويڙهه وڙهي ۽ ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هي ڪيس ادارن جي آزادي واري ڪردار لاءِ هڪ امتحان هو ۽ انهن جي آزادي ۽ خودمختياري جو به سوال هو.جنهن جو جواب سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ملي ويو آهي. هتي هڪ سوال ٻيو به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪجهه ڌريون سپريم ڪورٽ جي هڪ سينئر ترين جج کي ڪنهن معاملي جي ڪري انهي حد تائين تنگ ڪرڻ طرف وڃي سگهن ٿيون ته باقي ٻين معاملن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪهڙي طرح اثر انداز ٿينديون هونديون اهو سمجهڻ ڪو اهڙو ڏکيو ناهي، هن فيصلي سان اهو به پيغام ملي ويو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي اندر رهي ڪم ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا به واٽ ناهي . ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت جي مختصر فيصلي سان جسٽس فائز عيسيٰ قاضي خلاف هاڻي ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ٿي سگهندي ۽ صدارتي ريفرنس اڳ ئي رد ٿي چڪو هو ته پوءِ ڇا اهو ريفرنس تيار ڪندڙ انهن ماڻهن خلاف به ڪا ڪارروائي ٿيندي جن ٻڌ سڌ تي ريفرنس تيار ڪيو ۽ انهن خلاف به قدم کنيو ويندو جن معزز جسٽس خلاف سوشل ميڊيا تي پروپئگينڊه ڪئي جيڪي وفاقي ڪابينا جو به حصو آهن، جن جي ڪري نه رڳو وفاقي حڪومت کي سپريم ڪورٽ جهڙي اعليٰ اداري ۾ شڪست ٿي آهي بلڪه شرمندو به ٿيڻو پيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته هن ڪيس کانپوءِ حڪومت کي به پنهنجون اوليتون تبديل ڪرڻ گهرجن ڪنهن جج جي فيصلي سان ناراضگي جو اهو مطلب هرگز نه هجڻ گهرجي ته ان خلاف ڪي سازشون تيار ڪجن، ادارن جي خودمختياري جو احترام ئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو .