ڪورونا اڳيان ڪنڌ جهڪايل نيو ڪليئر طاقتون

0
616

دنيا جون ٻه وڏيون جنگي طاقتون ڪورونا وائرس اڳيان عملي طور بي وس بڻيل آهن ڀارت جي روڊن رستن تي ڪووڊ 19 جا مريض آڪسيجن نه ملڻ سبب ساهه ڏئي رهيا آهن۽ پاڪستان ۾ ڪورونا جا ضابطا لاڳو ڪرڻ لاءِ فوج جي واهر طلب ڪئي وئي آهي ٻنهي ملڪن جي ڪروڙن ماڻهن جون زندگيون داءَ تي لڳل آهن لڳ ڀڳ ڏيڍ ارب آبادي هڪ انساني المئي واري دور مان گذري رهي آهي، ستن ڏهاڪن کان ٻنهي ملڪن پنهنجي جنگي جنونيت جي تسڪين لاءِ هٿيار ۽ لشڪرن تي آمدني جو وڏو حصو خرچ ڪيو آهي جڏهن ته انهن ملڪن ۾ تعيلم ، صحت ۽ پيئڻ جي پاڻي تي خرچ ڪرڻ لاءِ وسيلا ناهن هوندا.
2020ع ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي اداري UNDPپاران انساني ترقي بابت جاري ڪيل سالياني عالمي رپورٽ ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪارڪردگي شرمناڪ آهي189 ملڪن جي ڪيل درجي بندي ۾ هندستان 131 هين ۽ پاڪستان 154 هين نمبر تي بيٺل آهن، هندستان ۾ خواندگي جي شرح 73 سيڪڙو ۽ پاڪستان جي 58 سيڪڙو آهي هندستان ۾ نون ڄاول ٻارن مان 30 ۽ پاڪستان ۾ 59 بار پهرين سال اندر فوت ٿي وڃن ٿا جڏهن ته ويم دوران هندستان ۾ هڪ لک مان 133 ۽ پاڪستان ۾ 70 مائرون مري وڃن ٿيون.
هندستان ۾ هڪ هزار ماڻهن لاءِ سراسري طور 1.3 ڊاڪٽر ۽ پاڪستان ۾ هڪ هزار ماڻهن تي سراسري طور هڪ ڊاڪٽر موجود آهي، انهن جي گهڻائي به شهرن ۾ آهي جيڪڏهن مٿين اهڃاڻن کي ٻهراڙين تي لاڳو ڪبو ته اهي انگ اڃان به خراب تصوير ظاهر ڪندا، ٻنهي ملڪن جي انساني ترقي واري صورتحال جي هڪ ننڍي جهلڪ انهن انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿي.
هڪ پاسي انساني ترقي جي اها حالت آهي ته ٻئي پاسي ٻئي ملڪ پنهنجي سرحدن تي ٻارهو ئي ڇڪتاڻ ۽ لڙاين ۾ رڌل رهن ٿا پاڪستان ۽ هندستان جا نه رڳو هڪ ٻئي سان ناتا خراب آهن پر ڀارت جي چين سان ۽ پاڪستان جا افغانستان سان ناتا ڇڪتاڻ وارا آهن اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جا پاڙيسري ملڪن سان جنگي ٽڪراءُ هجڻ سبب انهن جا محدود وسيلا هٿيارن ۽ فوجن مٿان خرچ ٿي وڃن ٿا .
اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاران 2020ع جي سالياني رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته پاڪستان ۽ ڀارت دنيا ۾ هٿيار خريد ڪندڙ ڏهن وڏن ملڪن ۾ شامل آهن ڀارت هٿيار خريد ڪندڙ ملڪن ۾ دنيا ۾ ٻئين نمبر تي آهي جڏهن ته انساني ترقي جي جدول ۾ اهو 131 هين نمبر تي آهي ساڳي طرح پاڪستان هٿيار خريد ڪندڙ ملڪن ۾ ڏهين نمبر تي ۽ انساني ترقي جي درجي بندي ۾ 154 هين نمبر تي آهي. ورلڊ بئنڪ جي ڊيٽا بيس موجب هندستان جو دفاعي خرچ سندس مجموعي گهرو پيدوار جو 3.9 سيڪڙو ۽ پاڪستان جو 2.39 سيڪڙو آهي پاڪستان هر سال دفاع تي 11 ارب ڊالر ۽ ڀارت 71 ارب ڊالر خرچ ڪري ٿو. هٿيارن جي خريداري تي هندستان ساليانو 3 ارب ڊالرز ۽ پاڪستان 65 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪري ٿو. ساڳي ڊيٽا بيس موجب پاڪستان وٽ ساڍا نولک ۽ ڀارت وٽ 30 لک فوج آهي پاڪستان پنهنجي مجموعي سرڪاري خرچن جو 18 سيڪڙو ۽ هندستان لڳ ڀڳ نو سيڪڙو دفاعي مد ۾ خرچ ڪن ٿا. ايڏو وڏو دفاعي نظام ٻنهي ملڪن جي وسيلن تي ايڏو وڏو بار وجهي ٿو جو هن وقت ڀارت ۾ 80 ڪروڙ ۽ پاڪستان ۾ ساڍا اٺ ڪروڙ ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ٻنهي ملڪن جون حڪومتون پنهنجي عوام کي بنيادي صحت ، بنيادي تعليم ، پيئڻ جو صاف پاڻي، روزگار روڊ رستا ۽ زندگي جون ٻيون بنيادي سهولتون ڏيڻ کان محروم آهن ٻنهي ملڪن ۾ هزارين ماڻهو غربت وگهي آپگهات ڪن ٿا. روزگار، تعليم ۽ سهولتن کان محروم عوام لساني، فرقيوار، مذهبي۽ طرح طرح جي گروهي رتو ڇاڻ ۽ ڏوهن ۾ رڌل رهي ٿو، حڪومتون سوال اٿارڻ ۽ مخالف راءِ رکڻ کي به سهڻ لاءِ تيار ناهن. اهو ئي سبب آهي جو ستر سال گذرڻ باوجود ڏيڍ ارب ماڻهو سرحدي ڇڪتاڻ ۽ مارا ماري وٽ يرغمال ٿيل آهن جيڪو حڪمرانن جي ان جنگي جنون جي خلاف ڪڇي ٿو ان جي حب الوطني تي سوال اٿڻ لڳن ٿا. ٻنهي ملڪن جي ان اڻ کٽ ٽڪراءَ جو نتيجو اهو آهي جو آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون حصو آبادي هجڻ جي باوجود ٻنهي ملڪن جو هڪ ٻئي سان ساليانو واپار ٻه ارب ڊالر مس آهي. ورلڊ بئنڪ جي ڪاٿي مطابق جيڪڏهن ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان بهتر واپاري ناتا جوڙين ته انهن جو ساليانو واپار 37 ارب ڊالرن تائين وڃي سگهي ٿو. 2019 ع کان ٻنهي ملڪن ۾ اهو 2 ارب ڊالرن جو واپار به بند پيل آهي. جيڪڏهن ٻئي ملڪ سرحدي تڪرارن کي پاسيرو رکندي هڪ ٻئي سان واپاري ناتا بحال ڪن ته ڪروڙين ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو. هندستان ۽ چين جو به هڪ ٻئي سان سرحدي تڪرار آهي پر ان جي باوجود ٻنهي ملڪن جو ساليانو واپار 95 ارب ڊالرن تائين ٿيندو رهيو آهي. چين جو سڄي دنيا ۾ اهو ئي ماڊل آهي جن به ملڪن سان ان جا سفارتي ناتا خراب آهن، انهن سان سندس واپاري ناتا بحال رهن ٿا، مثال طور چين جا آمريڪا سان سدائين ڏند چڪ ٿيندا رهن ٿا ۽ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي خلاف سخت ٽڪراءُ وارو موقف رکن ٿا پر ان جي باوجود ٻنهي ملڪن وچ ۾ ساليانو 1560 ارب ڊالرن جو واپار ٿئي ٿو، ايئن پاڪستان ۽ هندستان هڪٻئي سان سفارتي اختلاف برقرار رکندي به واپاري ناتن کي جاري رکي نه رڳو هڪ ٻئي سان ڇڪتاڻ گهٽائي سگهن ٿا پر ساڳي وقت پنهنجي عوام کي سستي اگهه تي روزمره جي ضرورت جون شيون خدمتون فراهم ڪري سندن اهنج به گهٽائي سگهن ٿا.
ويجهڙ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ واريون خبرون سامهو آيون آهن ان قسم جون ڳالهيون جڏهن به شروع ٿينديون آهن ته ڪو نه ڪو وڏو سانحو ڪرائي ساڳي ڪهاڻي وري شروع ڪرائي ويندي آهي ٻنهي ملڪن جي قيادت کي سمجهڻ گهرجي ته اها ڪهاڻي هاڻي ٻنهي ملڪن جي معيشت کي ڳڙڪائي رهي آهي، ايڏي تباهي کان پوءِ ايندڙ نسلن کي ڪو انساني مستقبل ڏيڻ لاءِ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي.