شادي جي آسري نڪتل 2 معذور نوجوان اغوا کان بچي ويا

0
370
شادي جي آسري نڪتل 2 معذور نوجوان اغوا کان بچي ويا
شادي جي آسري نڪتل 2 معذور نوجوان اغوا کان بچي ويا

جھول (ن پ) جهول جي هرکجي ويل ٻن معذور نوجوانن کي ڄام صاحب جي پوليس اغوا کان بچائي ورتو آهي

ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ جا 2 نوجوان سجاد ۽ امداد لغاري موبائل فون جي واٽسپ ايپليڪيشن ذريعي هرکجي لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا ته جام صاحب جي گشتي پوليس کين اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

پوليس موجب گونگن نوجوانن سان هڪ همراهه پاڻکي عورت ظاهر ڪري واٽسپ تي رابطي ۾ هو ۽ اهو کين بار بار لاڙڪاڻي پهچڻ جا پيغام اماڻي رهيو هو، ٻئي نوجوان هرکجي پيادل وڃي رهيا هئا هنن وٽ ڀاڙو به نه هو ڄام صاحب جي گشتي پوليس کين هٿ ڪري ورتو

پوليس جي اطلاع تي مائٽ پهچي ٻنهي جوانن کي واپس وٺي آيا،  نوجوان گونگا هجڻ باوجود واٽسپ تي سڀ ڪجهه لکي پڙهي سگهن ٿا

هن کي به پڙهندا

ڀريا روڊ جو ڪائونسلر مائٽ سميت اغوا: پوليس بازياب ڪرائي ورتو