ڀريا روڊ جو ڪائونسلر مائٽ سميت اغوا: پوليس بازياب ڪرائي ورتو

0
293
ڀريا روڊ جو ڪائونسلر مائٽ سميت اغوا
ڀريا روڊ جو ڪائونسلر مائٽ سميت اغوا: پوليس بازياب ڪرائي ورتو

ڀرياروڊ: ڀريا روڊ جو ڪائونسلر زيد ڪيريو مائٽ سميت اغوا ٿي ويو، پوليس هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو

ڪائونسلر زيد ڪيريو ۽ فتح پور ڀرياروڊ ۾ موٽر سائيڪل شوروم مالڪ رميز ڪيريو موٽر سائيڪل  تي پڊعيدن کان ڀرياروڊ اچي رھيا ھئا ته نصرت ڪينال تي چانھين منومل لڳ ھٿياربندن اغوا ڪري ھڪ خانگي جگھه ۾ بند ڪري ڇڏيو

اطلاع ملڻ تي مغوين جي وارثن ڀرياروڊ پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن فوري طور ڪارروائي ڪري ڪائونسلر زيد ڪيريو کي زخمي حالت ۾ بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته ٻئي مغوي رميز ڪيريو جو ڪو به پتو ناھي پئجي سگھيو، جڏهن ته سندس موبائل نمبر به بند پيل آهي

 زخمي ڪائونسلر  زيد ڪيريو کي ڀرياسٽي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي  سندس چوڻ آهي ته ھٿياربندن اغوا ڪري تشدد جو نشاڻو بڻايو جنهن سبب ھو زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس سئوٽ جو ڪوبه پتو ناهي ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي

ٻئي پاسي ايس ايڇ او ڀرياروڊ منعم لاڙڪ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪلھوڙا برادري ۽ ڪيريا برادري جي ماڻھن جو پاڻ ۾ ڏيتي ليتي جو مسئلو ھو جنهن تان اھو واقعو پيش آيو وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون