مذهب تبديل ڪرائي مبينا زوري پرڻايل ناري جو جيئڻ تنگ!

0
274
مذهب تبديل ڪرائي مبينا زوري پرڻايل ناري جو جيئڻ تنگ!
مذهب تبديل ڪرائي مبينا زوري پرڻايل ناري جو جيئڻ تنگ!

چيلھار: جبري طور مذھب تبديل ڪرائي زبردستي پرڻايل ناري گڏي ڪولھي احتحاج ڪندي ٻڌايو آھي ته زبردستي شادي ڪندڙ رستم جوڻيجي ۽ ان جي برداري جي ٻين بااثر ماڻھن مان زندگي کي خطرو آھي

 ھن الزام ھڻدي چيو ته رستم جوڻيجي جي برادري جا ماڻھو ڪالھه سندن گھر اچي ڌمڪيون ڏئي ويا آھن،  چون ٿا ھاڻ تون مسلمان آھين توکي اسان سان گڏ ھلڻو پوندو جيڪڏهن نه ھلندي ته نتيجا خراب نڪرندا

سندس چوڻ هو ته رستم وارا طرحين طرحين جو طريقا استعمال ڪري امڙ کي لالچون ڏيئي قيد ڪرڻ چاھين ٿا، ھن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن کان تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ٻئي طرف ناري جي امڙ سيتا ڪولھي چيو ته جوابدار 20 ھزار روڪ ڏيڻ سان گڏ چون ٿا  اڌمڻ اٽو به وٺي ڏينداسين تنھن ڪري بھتر آھي ته ڇوڪري کي اسان سان گڏ ڇڏيو

هن کي به پڙهندا

https://thetimenews.tv/%da%86%d9%8a%d9%84%d9%87%d8%a7%d8%b1-%d8%ac%d8%a8%d8%b1%d9%8a-%d9%85%d8%b0%d9%87%d8%a8-%d8%aa%d8%a8%d8%af%d9%8a%d9%84%d9%8a-%da%aa%d8%b1%d8%a7%d9%8a%d9%84-%da%af%da%8f%d9%8a-%da%aa%d9%88%d9%84%d9%87/

خانپور مهر پوليس پايل ميگهواڙ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو