سڳيون (ن پ ا) سڳيون واسين جو بي ايچ يو پلس اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر شمشاد شيخ ۽ عملي خلاف چنا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو. مظاهرين زاهد چنو، ميرل چنو، پهلوان گلاب چنو، ارشاد، نورل، راهب چنو ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ڊليوري ڪيس جي ايمرجنسي ۾ ڳورهاريءَ کي بي ايچ يو پلس اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر شمشاد شيخ وٽ کڻي وياسين پر ڊاڪٽرياڻي بي حسي جو مظاهرو ڪندي مريضا کي اسپتال ۾ تڙپندو ڇڏي اسپتال مان نڪري هلي وئي، جنهن کانپوءِ اسپتال عملي ڪجھه ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ بعد ٻِي اسپتال وڃڻ جو مشورو ڏئي ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو، هنن صحت کاتي جي وزير ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته سخت ايڪشن کڻي ڄاڻايل ليڊي ڊاڪٽر ۽ سندس عملي کي فارغ ڪيو وڃي، ٻِي صورت احتجاجي جو دائرو وڌايو ويندو.