ميرپور ساڪرو (ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ طرفان 28 مئي تي بوگس آدمشماري خلاف اعلانيل شٽر بند هڙتال جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، ضلعي صدر امجد شورو، جاويد ناهيون، مرتضيٰ لاشاري، ساگر ميراڻي ۽ ٻين ڪارڪنن سان گڏجي ميرپور ساڪرو پهچي واپاري تنظيمن، سول سوسائٽي، سياسي سماجي ڌرين سان ملاقات ڪري کين هڙتال ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي.نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته آدمشماري ۾ سنڌين جي دائمي اڪثريت کي هڪ سازش تحت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، 2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ واسين جي آبادي ساڍا ڇهه ڪروڙ هئي ۽ 2023ع جي بوگس آدمشماري جي ذريعي سنڌ جي عوام کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، وقت اچي ويو آهي ته بنا فرق جي هن گهڙي ۾ متحد ٿيون. هن سنڌ جي باشعور عوام کي اپيل ڪئي ته 28 مئي تي ڪوڙي آدمشماري جي خلاف ٿيندڙ عام هڙتال ۾ ڀرپور تعاون ڪيو وڃي.