سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ وچ شھر ۾ جيجل  ماءُ ميڊيڪل سينٽر وٽ ٻن ھٿياربند واپارين محمد اسماعيل ڀٽي ۽ عبدالجبار ڀٽي کان روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪئي، رڙين تي ون فائيو انچارج محمد صالح ڪلھوڙو ۽ سٽي انچارج  قربان لاکو نفري سان جوابدارن جو پيڇو ڪيو ته مھراڻ ڪالوني ۾ ھڪ گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ڇت تان پوليس تي سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن ۾  سٽي انچارج محمد صالح ڪلھوڙو ۽ قربان لاکو رتورت ٿي پيا. جن کي تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو. ٻڌايو ويو ته جوابدار صالڻ پٽ انور رند لالو رند ڪيلي جي واپارين کان ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھئا اهلڪار قربان لاکو حالت نازڪ سبب نواب شاهه ريفر ڪيو ويو.