سڪرنڊ(ن پ ا) سنڌو درياءَ ڀرسان ڳوٺ گھرام نانگو ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙي دوران گوليون لڳڻ ڪري 26 ورھين جو بخت علي لغاري سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع بعد ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي زخمي کي تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته فوتي جي ڀاءُ محمد سعيد لغاري جو چوڻ آهي ته اسان جي چاچي رحم علي سان پراڻو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو جنھن کانپوءِ اسان جي چاچي رحم علي ۽ سندس پٽن ولي ڏنو ۽ سائين ڏنو اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪري گهرن ٻاهران ٻني ۾ ستل هيو جتي کيس گوليون ھڻي اسان جي ڀاء کي قتل ڪري فرار ٿي ويا،ٻئي پاسي سڪرنڊ  پوليس واقعي جي اين سي  داخل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل آهي.