حيدرآباد( بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي اولڊ وحدت ڪالوني ۾ نوجوان ناري پراسرار نموني فوت ٿي وئي آهي سندس وارثن پاران ڊاڪٽر تي علاج دوران لاپرواهي جو الزام هنيو پيو وڃي ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ ڏينهن اڳ شام جو 17 سالن جي سونهن ڌيءِ منظور سولنگي کي بخار ٿيو جنهن بعد وارث کيس دوا لاءِ خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر ڏانهن کڻائي ويا جتان انجيڪشن لڳرائڻ بعد هو گهر پهتي ته سندس حالت  خراب ٿي وئي ناري جي والد منظور سولنگي جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءِ اولڊ وحدت ڪالوني ۾ خانگي اسپتال هلائيندڙ ڊاڪٽر جي غفلت سبب فوت ٿي آهي ان لاءِ سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي وارث ناري جو لاش رات دير سان قاسم آباد ٿاڻي کڻائي آيا جتان ليٽر ملڻ بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ناري جي وارثن بابت  قاسم آباد پوليس ٻڌايو ته سندن شروعاتي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي پر ڪيس پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد داخل ڪيو ويندو هوڏانهن وارث ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد گهر کڻائي ويا هئا اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ اڄ پوليس حوالي ڪئي ويندي.