سڪرنڊ ن پ ا سڪرنڊ جي 18 يونين ڪائونسل ۽ 15 وارڊن ۾ چار عورتون به چونڊون وڙهي رهيون آهن جڏھن ته مردن  جو انگ 300 کان مٿي آهي انهن عورتن ۾ ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي وارڊ 11 مان جنرل ڪائونسلر لاءِ ميڊم عقيلا رضوان خانزاده پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي ، وارڊ نمبر 4 مان  صدوري زال مرحوم محمد بخش لاشاري آزاد اميداور ، ساڳئي چوٿين وارڊ مان مهناز زال رضوان ڪيريو آزاد اميدوار ۽ يونين ڪائونسل ماروي مان ضلع ڪائونسل لاءِ ميڊم خوشبو بلوچ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهي رهيون آهن  هوڏانهن چئن ئي عورتن ۽ سندن ڀائرن ، مٽن مائٽن ۽ حمايتي ووٽرن سميت پارٽي  پاران ورڪ شروع ڪئي آهي.