لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ پولنگ آفيسرن جي سکيا سينٽر ايليمينٽري ڪاليج ۾ گرميءَ جي شدت ۾ صبح کان شام تائين ٽريننگ حاصل ڪندڙن کي ڪي به سهولتون نه ملي سگهيون، استادن احتجاج ڪندي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، ملڪ ۾ جن اهم اي پي او ۽ پي او جي غير جانبدارانه، منصفاڻا، صاف شفاف ڪوششن سان مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن. انهن معزز  استاد صاحبان جي اليڪشن ڊيوٽي کان پهريان ٽريننگ ٿي رهي آهي پر افسوس ته انهيءَ اي پي او ۽ پي او يعني اسسٽنٽ پرزائيدنگ آفيسرن ۽ پولنگ آفيسرن جي سکيا سينٽر ايليمينٽري ڪاليج ۾ اليڪشن ۾ مقرر ٿيندڙ عملي لاءِ صبح نائين کان چار وڳي تائين ڪي به انتظام نه پري پري جي ڳوٺن شهرن جي آيل استادن کي بک تي رکيو ويو. جڏهن ته لاڙڪاڻي شهر جي شديد گرميءَ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به ڪي جوڳا انتظام نه ڪيا ويا هئا ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ٿيندڙ اسسٽنٽ پرزائيدنگ آفيسرن ۽ پولنگ آفيسرن لاءِ سوين استادن جي ٽريننگ دوران استادن کي بک ۽ اڃ تي رکي لاهه ڪڍيا ويا.