سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري چڏيو. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن گڏاڻي ڦاٽڪ وٽ فائرنگ ڪري پير مراد شاھ ڪالوني مائڪرو ٽاور جي رھواسي 30 ورھين جي نوجوان غلام قادر ولد جعفر علي مغيري کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جي اطلاع بعد پوليس واردات واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته مائڪرو ڪالونيءَ ۾ رهندڙ مغيري ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي معاملي تان موٽرسائيڪل سوار 3 ھٿياربند نوجوان غلام قادر مغيريءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بعد مقتول نوجوان جي گهر ڪهرام مچي ويو. مقتول نوجوان گاڏين جو مستري ۽ ٽن ٻارن جو والد ٻڌايو وڃي ٿو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.