نيويارڪ(م ڊ) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي نمائندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو وڏي پئماني تي استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان جراثيمن ۾ انهن دوائن خلاف مزاحمت وڌي رهي آهي. پاڪستان ايڪس ڊي آرٽائيفائيڊ جهڙي خطرناڪ مرض کي منهن ڏئي سگهي ٿو، اهو ئي حال رهيو ته وڌيڪ اينٽي بائيوٽڪس بيمارين خلاف بي اثر ٿي وينديون. ڊبليو ايڇ او جي نمائندي چيو ته ڊاڪٽر جي صلاح بنا دوائن جو استعمال نه ڪيو وڃي، دوائن جي غلط استعمال، سڃاڻپ ۾ غلطين، علاج ۾ ڪوتاهي سان لکين ماڻهو حياتيون وڃائي ويهن ٿا.