سکر (بيورو رپورٽ) اٽي جي بحران خلاف سکر جي رهواسين گاهه کائي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. مظاهرين مولانا عبيدالله ڀٽو، فضل الرحمن ڀٽو، وزير خان بروهي، قدرت الله خان، اصغر علي لغاري، حفظ الرحمان ۽ ٻين سنڌ حڪومت ۽ خوراڪ کاتي جي وزير سميت لاڳاپيل عملدارن خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته اٽي جو بحران سنڌ حڪومت ۽ ان جي ڪرپٽ ڪامورن جو پيدا ڪيل آھي، صرف سنڌ ۾ ئي اٽو ۽ ڪڻڪ بليڪ تي وڪرو ٿي رھيا آھن. اٽي بحران سبب غريب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. هنن جو چوڻ هو ته عوام کي سستو اٽي ڏيڻ واري سنڌ حڪومت جي اعلان تي عمل نه پيو ٿئي. سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪي آھي. ھنن اعليٰ عدليه کي اپيل ڪئي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرل ڪري پورهيت طبقي کي رليف فراھم ڪيو وڃي.