سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن جي خراب حالت ۽ سهولتون نه هجڻ واري ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ان دوران ڊي ايچ او ۽ صحت کاتي جا واسطيدار عملدار پيش ٿيا. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته ايترا فنڊ هجڻ باوجود اسپتالن ۾ ايمبولينس جي سهولت ناهي، جڏهن ته ايڌي ۽ ٻيا خيراتي ادارا ضرورتمندن کي رت ۽ مانيءَ جي سهولت پيا ڏين. ليڪچرارن ۽ ڊاڪٽرن جو حال هڪجهڙو آهي. ان موقعي تي عدالت سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل مريضن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.