رائونتي (ن پ ا) هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل ٻن پنجاب واسين کي رائونتي پوليس پاران مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران بازياب ڪرايل مغوين جو تعلق پنجاب جي ضلعي جهنگ سان آهي، جيڪي سستي گاڏي خريد ڪرڻ لالچ ۾ رائونتي پهچڻ بعد ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويا هئا. پوليس جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ هو ته محمد حسين ۽ ظفر اقبال کي ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو. بازياب ڪرايل نوجوانن جو چوڻ آهي ته فيس بڪ ذريعي ڪجهه ماڻهن سان رابطو ٿيو، جن مسافر گاڏين جون تصويرون موڪلي سستي اگهه تي وڪري جي لالچ ڏئي گهرايو. اڄ رائونتي پوليس کين بازياب ڪرائي ورتو آهي.