اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ زندگيون بچائيندڙ 131 دوائن جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي. صحت واري وزارت جي عملدارن ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مارڪيٽ ۾ عدم موجود اڪثر دوائون ملٽي نيشنل دواسازي ڪمپنين جون آهن، اڪثر ملٽي نيشنل ڪمپنين دوائن جي قيمت جي تڪرار تي پيداوار بند ڪري ڇڏي آهي، صحت واري وزارت جي عملدارن ڊريپ کي درخواست ڪئي آهي ته دوائن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ٻئي طرف ڊريپ اختيارين جو چوڻ آهي ته دوائن جي عدم دستيابي واري معاملي جو سنجيدگي سان جائزو ورتو پيو وڃي، اڻلڀ ٿيل اڪثر دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي ڊريپ سفارش ڪئي آهي.