سکر (بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي نااھلي، ڊرينيج نظام ناڪاره ھجڻ سبب گھٽين، روڊن رستن تي پاڻي بيھجڻ معمول بڻجي ويو، ميمڻ محلي بئراج روڊ جي رھواسين احتجاجي مظاھري بعد ڌرڻو ھڻي ميونسپل ڪمشنر ۽ لاڳاپيل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اِن موقعي تي واجد ميمڻ، خادم ميمڻ، لياقت علي، شيدو ميراڻي، نياز الدين، سراج علي ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل ٽن مھينن کان گٽرن جو گندو پاڻي بيھجڻ معمول بڻجي ويو آھي، جنهن سبب ڪاروباري سرگرميون  شديد متاثر ٿي رھيون آھن. اسڪول ايندڙ ويندڙ ٻارڙا، نياڻيون توڙي ملازمن کي سخت پريشانيون درپيش آھن. گندو پاڻي بيٺل هجڻ سبب بئراج روڊ، مڪراني محلي، ميمڻ محلي، گلستان اسٽريٽ سميت مخلتف علائقن جا شھري گهرن تائين محدود ٿي ويا آھن. ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو تدارڪ ناھي ٿيو. ھنن ايڊمنسٽريٽر سکر ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڊرينيج وارو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي.