حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين سي بي اي جي سڏ تي وفاقي حڪومت پاران پاور ڪمپنين حيسڪو ۽ سيپڪو کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ ۽ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي حڪمن تي قومي  ادارن جي نجڪاري ڪرڻ خلاف ليبر هال سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين سي بي اي جي مرڪزي صدر عبداللطيف نظاماڻي چيو ته بجلي کاتي ۾ ملازمن جي انگ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي وئي آهي جنهن سبب بجلي جي چوري وڌي وئي آهي. هن چيو ته حيسڪو سميت ٻين ڪمپنين ۾ ملازمت ڪندڙ عملي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ جو نالو روشن ڪري قوم جي حفاظت ڪئي آهي. روزانو بجلي ملازم ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيڻ بعد معذور ٿي وڃن ٿا جڏهن ته ڪيترائي ملازم فوت به ٿيندا رهيا آهن پر کين معياري حفاظتي سامان توڙي گاڏيون فراهم نه پيون ڪيون وڃن. پاور ڪمپنين حيسڪو ۽ سيپڪو کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ اها آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي حڪم تي قومي ادارن خاص ڪري پاور ڊپارٽمينٽ جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي نجڪاري هو ڪنهن به صورت قبول نه ڪندا.