سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيلاني روڊ مارڪيٽ ۾ عيد خريداري لاءِ پهتل ڇوڪرين سان اوباش نوجوان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي متاثر ڇوڪرين اهڙي شڪايت دڪاندارن کي ڪئي، دڪاندارن هڪ گدام ۾ الزام هيٺ آيل نوجوان کي پڪڙي بند ڪري ڇڏيو، الزام هيٺ آيل نوجوان کي دڪاندارن پڻ مارڪٽ ڪئي، لڳ ڀڳ 20 منٽن بعد پوليس پهتي جنهن بعد دڪاندارن اوباش نوجوان کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ بي سيڪشن موجب جيلاني روڊ تي قائم مارڪيٽ ۾ بابن شاهه ڪالوني واسي اوباش نوجوان شهباز نياڻين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي، اهڙي شڪايت تي دڪاندارن نوجوان کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو، پوليس وڌيڪ ان معامري جي جاچ ڪري رهي آهي.