ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن سنڌ مان سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي  پ پ جي وقار مهدي، سندس ڪورنگ عاجز ڌامراهه، متحده اميدوار سبحين غوري، سندس ڪورنگ طارق منصور ۽  احمد سليم صديقي جا نامزدگي فارم منظور ڪري ورتا، اليڪشن ڪميشن پهتل  پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته اسان کي سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت آهي، اسان اڳ ۾ اها سيٽ کٽي هئي،  هاڻي به اسان ئي کٽينداسين، هن چيو ته اسان مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جا اتحادي ناھيون، اسان جو ايم ڪيو ايم سان اتحاد مٿئين ليول تي آھي، وڌيڪ انھن جي مرضي آھي، هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ   جا ذميوار تڏهوڪا حڪمرانن آھن، واضح رهي ته پ پ اڳواڻ مصطفي نواز کوکر پاران  خالي ڪيل سينيٽ سيٽ تي چونڊ 8 ڊسمبر تي ٿيندي.