ڪراچي: روينيو واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان پاران موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل ذريعي  مخدوم خاندان کي بدنام ڪرڻ جو الزام، ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جي ثابتي ملڻ جي صورت ۾ وزارت ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ روينيو واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پ پ اسان تي اعتماد ڪندي آهي، اسان جو فيملي وارو تعلق رهيو آهي، هن چيو ته مٽياري ڪرپشن اسڪينڊل ۾ منهنجي ۽ منهنجي خاندان جو به نالو ناهي، انهي هوندي محدود سوچ وارن منهنجون تصويرون ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکيون آهن، موٽر وي اشو کي سياسي بڻائي اسان جي خاندان کي بدنام ڪيو ويوآهي، هن واضح ڪيو ته   وفاق طرفان ڏنل رقم سان ڪنهن به صوبائي وزير يا ايم پي اي جو واسطو ناهي، زمين جي خريداري ۽ وڪري جو سمورو ڪم ڊي سي پاڻ ڪندو آهي، هن وقت  معاملي جي جاچ جاري آهي،  جاچ دوران اسان جي خاندان خلاف ڪو ثبوت هٿ اچي ته اسان جوابده هونداسين، الزام ثابت ٿيا ته وزارت ته ڇا پر  سياست به ڇڏي ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته مخدوم جميل الزمان اهڙو ڪوبه بيان ناهي ڏنو ته اسان کي پارٽي اندر بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته  ڊي سي مٽياري کي سروسز کاتي پاران معمول موجب مقرر  ڪيو ويو هو، اسان آفيسرن جي مقرري يا بدلي واري سياست ناهي ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته منهنجو هڪڙوئي بينڪ اڪائونٽ آهي اوهان ڀلي اڪائونٽ چيڪ ڪريو، انهي ۾ ڪا رقم ناهي آئي، هن چيو ته هڪ خبر هلائي وئي ته آئون ملڪ ڇڏي ويو آهيان پر آئون هتي اوهان جي سامهون آهيان،