ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ طرفان صحافين تي داخل ڪيسن جي جاچ لاءِ زونل ۽ رينج سطح تي ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن ، اي آءِ جي آپريشن طرفان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي اولهه، اوڀر، ڏکڻ، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر، لاڙڪاڻي جي ڊي آءَ جيز کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته حيدرآباد ۾ آءِ جي سنڌ آڏو صحافين ڪيسن وارو معاملو اٿاري  ڪيسن جي جاچ لاءِ زونل/ريجن سطح تي ڪاميٽيون ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو، اهڙي مطالبي تي زونل/ريجن سطح تي ڪاميٽيون ٺاهيون ويون آهن ، ڪاميٽي جو چيئرمين لاڳاپيل ڊي آءِ جي ھوندو، سندس رينج جا ايس ايس پي ميمبر طور شامل هوندا،   ڪاميٽي ۾ پريس ڪلب جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري،  هيومن رائٽس ڪميشن جو ريجنل سربراهه ميمبر طور شامل هوندا،  شڪايتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪاميٽين جا اجلاس باقاعدگي سان ٿيندا، هر ڪاميٽي متاثر رپورٽر، فريادي ۽ جاچ آفيسر کي  صبر سان ٻڌي ڪيسن کي ميرٽ تي اڪلائڻ لاءِ لاڳاپيل ايس ايس پي کي سفارشون پيش ڪندي