سيءُ جنوري ۾، موڪلون ڊسمبر ۾

0
222
سيءُ جنوري ۾، موڪلون ڊسمبر ۾

 معمول وانگي سيءَ جون موڪلون گذريل سال يعني 2022ع جي ڊسمبر جي تاريخن 25 کان 31 ڊسمبر تائين ڪيون ويون، ۽ اميد ٿا ڪيون ته حڪومت هن سال واري ڊسمبر ۾ به صدين پراڻي پنهنجي هن روايت کي برقرار رکندي. گذريل سال به هنن موڪلن تي ٻار تمام گهڻو سرها نظر اچي رهيا هئا ۽ هن سال به اسان ٻارن جي چهرن تي ساڳيون رونقون ڏسنداسين. سنڌ ۾، توڙي جو ٻار ڊسمبر وارين موڪلن عرف “ناتال” جي موڪلن تي ان طرح سان خوش ناهن ٿيندا جهڙي طرح سان اهي جون ۽ جولاءِ وارين گرمين جي موڪلن جي ملڻ تي خوش ٿيندا آهن. ٻارن کي ناتال جون موڪلون ڇوٿيون ڏنيون وڃن ان جي ڇُپيل يعني اڻٻڌي ڪهاڻي کي اڳتي هلي بيان ڪنداسين پر، هي به حقيقت آهي ته اسان وڏن ۽ ٻارن ۾ ڪجهه شيون ته گڏيل طور به مشهور آهن جيڪي اسان ٻنهي جي لاءِ انتهائي خوشي جو سبب بڻبيون آهن يا گهڻي اهميت واريون هونديون آهن. ڇا هي سچ نه آهي ته اسان پٽ جي ڄمڻ تي (معذرت سان) ايترو خوش ناهيون ٿيندا جيترو سال ۾ پنهنجي پگهار جي واڌ تي سرها ٿيندا آهيون. بلڪل اهڙي طرح سان ٻار وري موڪلن جي ملڻ تي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. ۽ ڇا توهان کي هي ڄاڻ به آهي ته پنهنجي پوري تعليمي سال دوران اسان جا ٻار، پنهنجي تعليمي سال جا ڪيترا ڏينهن اسڪول ۾ حاضر رهن ٿا؟ ۽ ڪيترا ڏينهن موڪلن يعني غير حاضري ۾گذارن ٿا؟ هي ته اسان سڀ ڄاڻو ٿا ته هڪ عام سال ۾ ڪل 365 ڏينهن يعني 52 هفتا آهن ۽ هڪ ٽَپو ڏيندڙ سال (ليپ ايئر) ۾ 366 ڏينهن هوندا آهن. جون، جولاءِ، سڄي سال جا آچر، ناتال جون موڪلون، ويهن ڏينهن کان مٿي گزيٽيڊ موڪلن سان گڏ، اسان جي سنڌ حڪومت ڪجهه منظورِ نظر ڏينهن تي به موڪلون پڻ ڪندي / ڪرائيندي آهي. يعني ذڪر هيٺ هنن سڀني موڪلن جو جوڙ ڪجي ته اهو لڳ ڀڳ ساڍن پنجن مهينن کان مٿي بيهي ٿو. وري جيڪڏهن ڪنهن قدرتي آفت يا هٿرادو ٻوڏ، چونڊن يا ماڻهو ڳڻپ جهڙين سرگرمين جي ڳالهه ٿا ڪريون ته هي سرگرميون به جتي اسڪولن جي غيرفعالي جو سبب بڻجن ٿيون اتي اهي سرگرميون درس و تدريس جي عملي کي سونپيل ٻين ڪمن ۾ مشغولي سبب به اسڪولن جي پڙهائي وارو عمل صرف متاثر نٿو ٿئي پر بري طرح سان متاثر ٿئي ٿو. سرڪار پاران اسڪولي عملي کي سونپيل ڪمن کي به ملائي جڏهن ٻارن جو اسڪول کان ٻاهر رهڻ جو حساب ڪتاب ڪنداسين ته اهو حساب ڪتاب ڇهن مهينن  کان به مٿي ٿي ويندو. هاڻي خود ئي حساب لڳايو ته جنهن خطي جا ٻار سال ۾ ڇهن مهينن کان به گهٽ عرصي دوران اسڪولن ۾ حاضر رهن ته اتي ڪهڙي قسم جي پڙهائي ٿيندي ۽ ڪهڙي قسم جي ترقي ۽ ذهن سازي ٿيندي؟ ڇا اسڪولي عملو پڙهائڻ ۾ ڪا دلچسپي وٺندو؟ ٻار پڙهائي ۾ دل لڳائيندا؟ ڇا اسان جي حڪومتن، هنن سوالن تي سوچڻ جي ڪڏهن زحمت ڪئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اسان جا خانگي اسڪول تعليمي سال جا چار مهينا پنهنجي سرگرمين کان آجا هجن پر چار مهينا به ڪو گهٽ عرصو ڪونه آهي. خاص طور تي فِين کي ڀريندڙ والدين ۽ اسڪولن مان پگهار کڻندڙ استادن جي لاءِ خانگي اسڪول جتي فعال مهينن دوران ڳرين فِين کي اڳاڙڻ جي حوالي سان خوار آهن اتي اهي غيرفعال مهينن دوران فِين کي اڳاڙڻ ۽ استادن کي موڪلن دوران پگهار نه ڏيڻ جي ٻٽي خواري کڻڻ جو شڪار به آهن.

هاڻي اچو ته پنهنجي ڪالمي عنوان “سيءُ جنوري ۾، موڪلون ڊسمبر ۾” ڏانهن هلون. ڊسمبر جون موڪلون اسان وٽ ناتال جي موڪلن طور مشهور آهن هن ڳالهه کي اسان سڀ ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا. پر ناتال جي پويان جيڪا ڪهاڻي آهي ممڪن آ ته اسان جي حڪومتي اڪابرن کي ان جي ٻڌ سڌ هجي پر اسان جي ٻارن، استادن ۽ اسان جي والدين يا اسان جي اڪثريت کي “ناتال جون موڪلون” ڇوٿيون ڪيون وڃن جي باري ۾ ڪنهن به قسم جي ڄاڻ نه هجي. ناتال جون موڪلون سياري يا سيءَ جون موڪلون ڪونه آهن پر اهي موڪلون اسان جي مسيحي برادري جي صدين پراڻي ان روايت جو حصو آهن جنهن روايت کي اها پنهنجي پيغمبر حضرت عيسى عليه السلام جي تاريخ پيدائش جي طور تي عيد (ڪرسمس ڊيَ) ڪري ملهائيندي آهي. 25 کان 31 ڊسمبر تائين وارين موڪلن کي پاڪستان سان گڏ سڄي دنيا ۾، مسيحي برادري حضرت عيسى جي ڄم جي خوشي ۾ ڀرپور طريقي سان ملهائيندي آهي. پر اسان وٽ هي موڪلون سياري جي موڪلن طور مشهور ٿيل آهن. منهنجا سڄڻو ايئن ناهي. هي موڪلون نه سياري جون آهن نه سيءَ جي ڪري ڏنيون وينديون آهن توڙي جو اسان جي سرڪاري فائيلن جي پيٽ ۾ ۽ سرڪاري پڌراين (نوٽيفيڪيشنز) ۾ اهي سياري جي موڪلن طور وجود رکن ٿيون. اسان جڏهن سياري جي موڪلن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته سياري جا سخت سيءُ ڊسمبر ۾ نه پر جنوري ۾ شروع ٿين ٿا جيئن هن وقت سيءُ پنهنجي پوري شدت سان موجود آهي. سڄي سنڌ ۾، پوءِ ڪٿي گهٽ يا وڌ يعني ڪٿي چار ڊگري سينٽي گريڊ، ته ڪٿي ٽي ڊگري سينٽي گريڊ، ته ڪٿي وري پنج ڊگري سينٽي گريڊ آهي. ڊسمبر ۾ سيءُ درجو سراسري طور تي پندرنهن ڊگري سينٽي گريڊ هجي ٿو. اندازو لڳايو ته جنوري جي سخت سيءُ ۾ جيڪڏهن ٻار اسڪول ايندا رهن ٿا ته پوءِ ڊسمبر جي آخري هفتي دوران موڪلن ڪرڻ جو فائدو ڪنهن کي ملي رهيو آهي؟ ساڳي طرح سان جون ۽ جولاءِ به هوائن ۽ مينهن وارا مهينا هوندا آهن ۽ آگسٽ وارو مهينو گُهٽ، ۽ ٻوسٽ وارو مهينو هوندو آهي. پر گرمين جون موڪلون به اسان پنهنجي ان ڪامورڪي روايت کي برقرار رکندي ڪندا آهيون نه ڪي ٻارن جي تڪليفن کي سامهون رکندي. اسان جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سهولتون آهن اها اسان سڀني کي خبر آهي پر جيئن ته اسان لڪير جا فقير آهيون سو اسان ان کان نه هيڏي ٿينداسين نه هوڏي. پاڪستان ٺهڻ بعد هنن موڪلن جو فائدو کڻندي قائدِاعظم محمد علي جناح جي تاريخ پيدائش کي به شامل ڪري هڪ ئي ڌڪ سان ٽن ڌرين کي راضي ڪيو وڃي ٿو. هڪ طرف مسيحي برادري کي ڪرسمس ڊي جي حوالي سان، ٻئي طرف بانيِ پاڪستان کي ياد ڪندڙن کي مطمئن ڪرڻ جي حوالي سان ۽ ٽئين طرف ٻارن ۽ استادن کي راضي ڪرڻ جي حوالي سان. وري تاثر هي ڏنو وڃي ٿو ته جيئن ته ڊسمبر جي مهيني ۾ عيسائي نيات پنهنجي پيغمبر حضرت عيسى عليه السلام جي تاريخ پيدائش “25 ڊسمبر” کي عيد جي طور “هيپي ڪرسمس ڊي” ڪري ملهائي ٿي ۽ ساڳي تاريخ وري پاڪستان جي باني قائدِاعظم محمد علي جناح جي تاريخ پيدائش به آهي سو هر هڪ موڪل کي الڳ الڳ ڪري ڏيڻ جي بدلي “گهٽ خرچ ٻٽو مزو” واري مثال کي سامهون رکندي موڪلن جي گاڏيَ کي وڏي چالاڪي سان ڌِڪيو وڃي ٿو.

ناتال لفظ جو پسمنظر هي آهي ته ناتال جو ممبو انگريزي لفظ نيٽل (Natal)  يعني ڄمڻ مان ورتل آهي. ميڊيڪل ٽرمنولاجي ۾ پِري نيٽل، مطلب ڄمڻ کان اڳ، نيٽل يعني ڄمڻ جي وقت ۽ پوسٽ نيٽل معنى ڄمڻ کانپوءِ، صدين کان استعمال ڪيو پيو وڃي. انگريز ھن لفظ کي حضرت عيسى عليه السلام جي پيدائش واري وقت يا ڏينھن جي نسبت سان استعمال ڪندا ھئا ۽ ڪندا آهن. ان ڪري ھتي برصغير ۾، ڊسمبر جي مھيني ۾، ھفتي کان مٿي نيٽل ويڪيشن ڪئي ويندي ھئي. پر ھتان جي ماڻھن ان لفظ نيٽل کي اچاريندي پهريان نيئٽل ۽ بعد ۾ ناتال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو يعني انگريزي لفظ نيٽل اسان وٽ پنھنجي ارتقائي لھجن ۽ مرحلن مان گذري ناتال بڻجي ويو آھي. ننڍپڻ ۾ آءُ به پنھنجي امڙ کان ناتال جي معني لاءِ پڇندو ھئس ته امڙ ھي جواب ڏيندي ھئي ته خبر ناھي پر ايئن ٻڌندا آيا آھيون ته سياري جي موڪلن کي ناتال جون موڪلون چوندا آھن. جڏهن انگريز هتي قابض هئا ته انھن ڏينھن ۾ اهي مختلف قسم جا جشن، ميلا، راندين جا مقابلا منعقد ڪرائيندا هئا. اهڙي طرح ھتان جا مقامي ماڻھو وري ان وقت وڏن واھن جي بند ھجڻ ڪري، ننڍن ننڍن واھن ۾ ونگارون وهي ڪري کاٽي ڪرائي واھن مان مٽي ڪڍي انھن جي ڪپن تي رکندا هئا. جڏھن شام يا رات جو ڪم ختم ڪري واپس ايندا ھئا ته اهو عام ماڻھو به مختلف قسم جون محفلون جن ۾ راڳ رنگ، ميلا، ونجھه وٽي، ڪوڏي ڪوڏي،  ڪچھري، سگھڙن جي محفلن ۾ ڳجھارتن وغيره جا مقابلا منعقد ڪري ٿڪ لاهڻ لاءِ وندر ۽ ورونهه جو بندوبست ڪندو هو. انگريز ھاڻي به پنھنجي ملڪن ۾ ھي نيٽل ويڪيش ڪري ڊسمبر جا 15 ڏينھن ڪرسمس واري عيد جي ملھائڻ جي تياري ۾ رڌل ھوندا آھن. پر اسان وٽ ھن کي وقت گذرڻ سان سياري جي موڪلن جو نالو ڏنو ويو. سو اميد ٿو ڪريان ته اڄ کانپوءِ توهان هن غلط فهمي ۾ نه رهندا ته ناتال جون موڪلون ڪي سياري جون موڪلون آهن. ۽ اميد ٿو ڪريان ته حڪومت کان هي گُهر به ضرور ڪندا ته سيءُ جون موڪلون جنوري جي مهيني ۾ ڏئي. موڪلون موسمياتي کاتي جي صلاحڪاري کي نظر ۾ رکڻ بعد انهن تاريخن دوران ڏنيون وڃن جن تاريخن ۾ سخت سيءُ پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وڃي ٿي. مٿان وري ايندڙ ڏينهن دوران بلوچستان ۾ اڃان به سخت سردي پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ ۾، ٻيهر 23 جنوري کان سخت سيءَ پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.