سوڊان ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهي، 84 ماڻهو اجل جو شڪار، هزارين گهر مٽي جو ڍير

0
410

ڪراچي(م ڊ) سوڊان ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ 84 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ميڊيا رپورٽس موجب ملڪ جي 11 رياستن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ساڍا 8 هزار گهر ڊ هي مٽي جو ڍير ٿي ويا ۽ 27 هزار کان وڌيڪ گهرن نقصان پهتو آهي.

سوڊاني عملدارن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ برساتن جي موسم شروع ٿيڻ کان هن وقت تائين مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ڪرنٽ لڳڻ، گهر ڪرڻ ۽ ٻڏڻ جي ڪري 84 ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا آهن.

گڏيل قومن موجب جولاءِ کان هن وقت تائين برساتن کان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.