ڪراچي: گرفتاري  جو خوف، ٽارگيٽ ڪلر پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
227

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي  اورنگي ٽائون ۾ گرفتاري  جي خوف کان ٽارگيٽ ڪلر پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٽارگيٽ ڪلر شاهين پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته آپگهات ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلر شاهين ساٿي آصف سان گڏجي پوليس آفيسر کي شهيد ڪيو هو.

پولي جو چوڻ آهي ته ٽارگيٽ ڪلر 28 آگسٽ تي اي ايس آءِ اڪرم خان کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو هو، جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي، جنهن جي خوف ۾ هن آپگهات ڪري ڇڏيو.