سوال/سروي مريم نواز ۽ بلاول سياسي بيان بازي ڪن ٿا، وفاقي حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو: عوام

0
170
سوال/سروي مريم نواز ۽ بلاول سياسي بيان بازي ڪن ٿا، وفاقي حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت ڪجهه هفتن ۽ مهينن جي نه پر ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لانگ مارچ سان حڪومت ڪيرائينداسين: ان بيانن کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟ ڇا حڪومت تي ڪو فرق پوندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته بلاول ۽ مريم نواز جي بيانن سان حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو، اها سياسي بيان بازي آهي جيڪا گذريل ٽن سالن کان ٻڌون پيا، وفاقي حڪومت مدو پورو ڪندي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغفور سروهي لکيو ته عمران نيازي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي نه هڻي باقي واويلا سان ڪو فرق نه پوندو.

گل حسن شر لکيو ته اپوزيشن وارن کي خبرن ۾ رهڻو آهي، ايئن بيانبازي ٿيندي رهندي آهي، باقي حڪومت کي ڪنھن لانگ مارچ مان ڪو فرق نه پوندو، سمير احمد لکيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته سياستدانن جا اهڙا سياسي بيان ٻڌي ٻڌي ڪن ئي پچي پيا آھن اسان کي ته ڪنهن به سياستدان تي اعتبار ڪونهي، علي گوهر سومرو لکيو ته هوائي ٺڪاءُ آهن، اقبال سميجو لکيو ته اپوزيشن جي هڪ ٿيڻ سان گهڻو ڪجھه ٿي سگهي ٿو، عبدالقادر چوهاڻ لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، اهڙيون ڳالهيون ٽن سالن کان ٻڌون پيا. عبدالحفيظ ويسر لکيو ته اھي سڀ سياسي اڳواڻن جا رڳو بيان ھوندا آهن پھريان به لانگ مارچ سان گڏ گھڻا احتجاج رڪارڊ ڪرايا اٿن ڇا حڪومت کي لوڏو آيو؟ عابد ڀٽي لکيو ته بلڪل حڪومت جا آخري ڏئين بچيا آھن ، لانگ مارچ ڪرڻ سان حڪومت تي فرق ايندو. الياس سمون لکيو ته صرف عوام جي اکين۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ اهڙا ڊراما ڪيا ويندا آهن،

عبدالمجيد ملان لکيو ته حڪومت پنھنجو مدو پورو ڪندي ۽ وري حڪومت پنجن سالن تائين حڪومت ڪندي ڇو ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڪا سٺي پارٽي ناھي رھي نواز شريف لنڊن ۾ آھي پ پ پ صرف سنڌ تائين محدود آھي، نظير احمد نظير لکيو ته حڪومت پنج سال پورا ڪندي، ممتاز علي مهر لکيو ته ملڪ ۾ صدارتي نظام جا 90 فيصد چانس آھن عوام نوازشريف آصف زرداري ۽ عمران خان واري جمهوريت مان تنگ اچي ويو آھي، جنيد جمالي لکيو ته ان بيان سان ڪوبه فرق نه پوندو، اعجاز کوسو لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کان ته هر ڪو تنگ ٿي ويو آهي پر لڳي نٿو ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ سان ڪو حڪومت ختم ٿي سگهندي،

محمد حنيف لکيو ته اھيو ٻڌندي پنجون سال به گذري ويـندو، سنتوش ڪمار، غلام محمد، سرفراز ميمڻ، اعجاز شيخ به سروي ۾ حصو ورتو، عزيزالله شر لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، امتياز مڱريو لکيو ته مريم نواز جي حڪومت جي خاتمي لاءِ ڏنل بيان ۾ وزن آھي ملڪ ۾ صدارتي نظام لڳڻ جون ڳالھيون افواھه آھن، علي بخش شر لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو حڪومت مدو پورو ڪندي، علي رضا وڻجارو لکيو ته وفاقي سرڪار کي ڪوبه خطروناهي. پ پ کي اڃا وڌيڪ سنڌ ۾ به سوڙهوڪيو پيو وڃي، ٻلونت سنگهه سوڍو لکيو ته حڪومت کي پنهنجي ڪارگردگي مان خطرو آهي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته اپوزيشن وارن جون اهي ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي ويا آهيون، مجاهد رند لکيو ته سياسي بيان بازي آهي، عرفان سيلرو لکيو ته مريم نواز ته 2020ع ۾ به ساڳئي ڳالهه ڪئي هئي، مسرور شر لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، غوث بخش ملڪ لکيو ته لانگ مارچ جون ڳالھيون ڪري چپ ڪري ويندا آھن،

وفا وزير پنهور لکيو ته مڙئي ڳالھيون آھن، نعمت الله نهڙي لکيو ته هاڻ ڪجھه ڪونه ٿيندو هي وري ڪهڙا صادق امين آھن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ٻئي بيان حوالن تي مشتمل آهن، علي اڪبر لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، سليم اختر لکيو ته اجايون ڳالهيون آهن جيڪي گذريل چئن سالن کان ٻڌي رهيا آهيون، اسد انڍڙ لکيو ته اهي ڳالهيون ڪندي انهن کي ٽئي سال ٿي ويا آهن روز حڪومت ڪيرائيندا آهن، عبدالله شيخ لکيو ته حڪومت تي ڪو به فرق ڪونه پوندو، غلام نبي چنا لکيو ته ٻئي چور آهن، عابد شر ۽ ابراهيم مهيسر به سروي ۾ حصو ورتو، عامر کوسو لکيو ته پاڪستاني سياست تي ڪو اعتبار ناهي، ساگر امير حيدر لکيو ته خيالي پلاءُ آهي، وحيد مستوئي لکيو ته اھي سمورا شوشا ڇڏيا پيا وڃن باقي وقت اڃا اڳتي هلي، جميل سهندڙو لکيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجو مدو پورو ڪندو، عرفان جروار لکيو ته بلڪل ھاڻ فرق پوندو حڪومت ٿي سگھي ٿو ڪجھه ڏينھن ۾ ايمرجنسي به لڳي سگھي ٿي، ذيشان جسڪاڻي لکيو ته حڪومت پنھنجو وقت پورو ڪندي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته رڳو بيان آهن، حڪومت مدو پورو ڪندي، گلاب خاصخيلي لکيو ته اهو ڊرامو آهي، عيدل ڪنڀر لکيو ته مريم نواز جي حڪومت جي خاتمي لاءِ ڏنل بيان ۾ وزن آھي.