سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي وات کان نه بچيا، 15 ٻارڙا ڏاڙهي زخمي

0
207
سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي

بخشاپور (ن پ ا) سنڌ جا ماڻهو اڃا تائين ڪتن جي وات کان نه بچي  سگهيا آهن، بخشاپور ۾ ڇتي ڪُتي اسڪول ويندڙ 15 ٻارڙن کي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو آهي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

زخمين ۾ 9 سالا عامر جان، 12 سالا لال بيگ، 8 سالا ضمير حسين، 10 سالا علي رضا،  شهمير،  اويس، درويش، ڪامل الدين ۽ عبدالله سميت ٻيا شامل آهن

زخمي شاگردن کي رورل هيلٿ سينٽر مان ويڪسين ڪئي وئي، جڏهن ته هڪ ڄڻي کي نازڪ حالت ۾ ڪنڌڪوٽ ريفر ڪيو ويو آهي

بخشاپور ۾ ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب ڪتا مار مهم شروع نه ٿي سگهي، ڪتا مار مهم لاءِ آيل بجيٽ به ڪرپشن جي ور چڙهي وئي، شهر ۾ رولوڪتن ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽ ڪونه ٿي سگهيو، بخشاپور شهر ۽ ڀرپاسي جا معصوم ٻار خوف ۾ ورتل آهن

متاثر ٻارڙن جي والدين جو چوڻ آهي ته بخشاپور انتظاميا جي نااهلي سبب اسان جا معصوم ٻار اسڪول وڃي رهيا هئا ته کيس ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، ٽائون انتظاميه خلاف نوٽس وٺي ازالو ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

وڪيل کي ڪتن جي ڏاڙھڻ واري واقعي کانپوءِ ڪتن جي مالڪن جا نالا اي سي ايل ۾ وجھڻ لاءِ پوليس متحرڪ