ڪنوار سان زيادتي وارو ڪيس:ڪونج گھر مان چوري ڪري وئي آھي:معشوق

0
1314
ڪنوار سان زيادتي وارو ڪيس:ڪونج گھر مان چوري ڪري وئي آھي:معشوق

دادو (ن پ ا) دادو جي عدالت پاران شادي جي ٽن ڏينهن بعد ڪنوار سان مبينا اجتماعي زيادتي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، متاثر ناري، سندس والد نور محمد پنهور ۽ مڙس معشوق عرف مشتاق عدالت ۾ پيش ٿيا

عدالت ۾ متاثر ناري جو چوڻ ھو تھ ڏيرن محبت ۽ شهزور نشو ڏئي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، ناري جي والد نور محمد پنھور جو چوڻ ھو تھ ڌيءَ سان ظلم ٿيو آهي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي

جڏھن تھ معشوق عرف مشتاق جو چوڻ آھي تھ ڪراچي مان ڪونج جا وارث ستاوڙي تي ڳوٺ وٺي آيا، رات جو مون کي گهر اچڻ نه ڏنو ويو، ڪونج گهر مان 4 لک ۽ 5 تولا سونا زيور کڻي آئي، ملير ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرايل آهي

ھن چيو تھ ملير ٿاڻي تي ڪونج، سندس والدين ۽ ڀاءُ تي ڪيس داخل ڪرايل آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

ھي به پڙھندا

دادو ڀرسان شادي جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪنوار سان مبينا اجتماعي زيادتي جو انڪشاف