سوال/سروي عدالتي سڌارا آڻڻ گهرجن يا نه؟ عوام جي راءِ ورهايل: عمران سان گڏ شهباز شريف جي به حمايت ۾ بيان

0
258
سوال/سروي عدالتي سڌارا آڻڻ گهرجن يا نه؟ عوام جي راءِ ورهايل: عمران سان گڏ شهباز شريف جي به حمايت ۾ بيان

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت پاران عدالتي سڌارن لاءِ پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته لاڏلي کي کير پياري اقتداري ڏنو ويو، عدليه انصاف وارا فيصلا ڪري، وزيراعظم جي بيان ۽ جڙندڙ ڪاميٽي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سمورن ادارن کي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي،  پي ٽي آءِ جي باغين ن ليگ کي ووٽ ڏيندڙن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو وري ق ليگ جا ووٽ شمار ڪيا ويا، اهو به چيو ويو ته عمران خان درست ڳالهه ڪري پيو، وزيراعظم به درست آهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته عدالتي سڌارا آڻڻ گهرجن ڪجهه ماڻهن ان جي مخالفت ڪئي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته سياسي بيان بازي ڪڏھن ھي پيا ڪن ته ڪڏھن ھو ڪندا آھن. باقي اھو ڪھڙو سڌارو آڻيندا قانون ۾ جيڪي پاڻ ڪيسن ۾ ڦاٿل آهن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ممتاز علي سميجو لکيو ته پاڪستان جي موجوده سياستدانن ۾ ڪو به ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ نٿو سوچي اهڙا بيان صرف اقتدار حاصل ڪري پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن هن وقت ملڪ معاشي طور ڪنگال ۽ عوام مهانگائي جي ڪري ٻن ويلن لاءِ پريشان آهي،

مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته عدالتن هميشه انصاف وارا فيصلا ڏنا آهن پر هتي سياسي وايو منڊل عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ سياسي جوڙ ٽوڙ ۽ حڪمرانن وچ ۾ آمهون سامهون هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ صرف عوام جو ئي نقصان ٿي رهيو آهي. هاڻي عدالتون عوام کي رليف نه ڏيندڙ حڪمرانن کي نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو ڏئي سياسي جنگ وڙهندڙ کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. شنڪر لال لکيو ته عدالتن هميشه انصاف وارا فيصلا ڏنا آهن،عوام جو ڪوبه نٿو سوچي رڳو پنهنجي مفادن خاطر ڪاميٽيون ٺھن پيون عدليه پنهنجو ڪم بھتر نموني پئي ھلائي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته عدالتن هميشه حق ۽ سچ جا فيصلا ڏنا آهن موجوده حڪومت اجائي واويلا شروع ڪئي آهي، صدام پيرزادو لکيوته عوام جو ڪوبه نٿو سوچي رڳو پنهنجي مفادن خاطر پيون ڪاميٽيون ٺھن عدليه پنهنجو ڪم بھتر نموني پئي ھلائي حڪومت جي حق ۾ فيصلو اچي ھا ته بھتر ھو پوءِ ڪاميٽي نه ٺهي ھا حڪومت ھجي يا اپوزيشن ٻنهي کي عدالتي حڪمن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي باقي کٽڻ ھارائڻ ڪم آهي ، قربان ديناري لکيو ته حڪومت فل بوکلاهٽ جو شڪار آھي انھن جي سوچ آھي ته ڪير پڇڻ وارو نه ھجي امپورٽڊ حڪومت اھڙي غلطي ڪئي ته سياسي خودڪشي هوندي ڪورٽ رد ڪري ڇڏيندي،

ظفر امان الله رند لکيو ته آخر عدالتي قانون ۾ ڪوتاهي ڪٿي ٿي آھي هڪڙي جي خط جي بنياد تي ري اليڪشن ڪرائي وئي ٻئي جي خط کي رد ڪيو ويو، نارائڻ داس لاکاڻي لکيو ته وفاقي حڪومت جو سٺو فيصلو آھي،پر حڪومت پاڪستاني عوام جو خيال ڪري، شفيع ملاح لکيو ته غريب لاءِ هڪڙو قانون سرمائيدار طبقي جي ماڻهن لاءِ ٻيو قانون، قربان علي ميراڻي لکيو ته عدالتن ۾ سڌارو ايندو نه حڪومت ۾ مڙئي پيا حڪمران عوام کي بيوقوف ڪن، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته عدالت جو فيصلو بلڪل صحيح آهي وفاقي حڪومت جو فيصلو غلط آهي  ڇوته  عمران خان حق سچ جي ڳالهه ٿو  ڪري، وزيراعظم جو فيصلو غلط آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته هر هڪ سياسي مخالف اهڙا بيان جاري ڪندو آهي ۽ پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪندو آهي، راسومل لوهاڻو لکيو ته ڪاميٽي ته سياستدانن کي سڌارڻ لاءِ ٺاهي وڃي ها بهتر هو عدالتن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، شاهين سومار لکيو ته تمام غلط آهي، مظفر بوزدار لکيو ته ڪم ۽ عوام جي فائدي جي ڪو نه سياسي فرد نٿو سوچي پنھنجي مفادن خاطر هڪ ٻئي جا پير پيا ڪڍن، شبير کوکر لکيو ته ججن تي ضابطو ضروري آهي، فضل سبزوئي لکيو ته عدالت جو فيصلو بلڪل درست آهي شوباز شريف حڪومت قائم ٿئي ڪجهه مھينا ٿيا آهن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو اٿس، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته وزيراعظم شھباز شريف هاڻي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي،

واحد بخش لکيو ته عدالت کي ھميشه حڪومت جي ڪم ڪار  ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي حڪومت پھريان پريشان آهي ججن کي گھرجي ته حڪومت جو ساٿ ڏين، حاجي جان بلوچ لکيو ته عمران عوام جو لاڏلو آهي، انور راجا لکيو ته بهتر اهو آهي ته عدالتن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، حبدار علي وارث لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف بوکلاهٽ جو شڪار آهي عدالت مٿان دٻاءُ وجهي رهيو آهي، ميانداد مري لکيو ته عدالت جو فيصلو بلڪل صحيح آهي وفاقي حڪومت جو فيصلو غلط آهي  ڇو جو عمران خان حق سچ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته چيڪ اينڊ بيلنس هرهڪ جي لاءِ هجڻ گهرجي قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، عاشق ڀٽي لکيو ته وزير اعظم شھباز شريف سچي ڳالهه ڪئي آھي عمران نيازي لاءِ قانون حرڪت ۾ ڇو نٿو اچي؟ باقي ججن تي ضابطو ضروري آھي ڇو ته ھي پاڻ کي قانون کان مٿانھون سمجھندا آھن، انيل ڪمار به سروي ۾ حصو ورتو، اياز بهراڻي لکيو ته عدالتون پنهنجي قانون جي اصولن ۽ قائدن سان ھلن ته بھتر آهي باقي اگر ڪير به ان ۾ مداخلت ڪري ته اھو سٺو عمل ناھي ۽ اگر ڪا قوت پنهنجي فائدي لاءِ قانون ۾ تبديلي آڻي ٿي ته اھا سراسر ناانصافي آهي ڇو ته ھن ملڪ  ۾قانون غريب ۽ امير لاءِ ھڪجھڙو ھئڻ کپي سڀئي ادارا خودمختيار ھجن، قرباني عالياڻي لکيو ته امپورٽڊ حڪومت ادارن تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي، ياسر خان لکيو ته بلڪل هنن ججن پنهنجي ڪيل فيصلن کي نه ڏٺو؟ پي ٽي آءِ جي باغي ن ليگ کي ووٽ ڏيندڙن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو وري ق ليگ جا ووٽ شمار ڪيا ويا وحيد مستوئي لکيو ته آھي سياسي بيان بازي ڪڏھن ھي پيا ڪن ته ڪڏھن ھو ڪندا آھن. باقي اھو ڪھڙو سڌارو آڻيندا قانون ۾ جيڪي پاڻ  ڪيسن ۾ ڦاٿل آهن.