سوال/سروي سنڌ جي گئس سڄو ملڪ کڻي ٿو پر سنڌ کي نٿي ملي؟ وفاق نا انصافيون بند ڪري: عوام

0
163
سوال/سروي سنڌ جي گئس سڄو ملڪ کڻي ٿو پر سنڌ کي نٿي ملي؟ وفاق نا انصافيون بند ڪري: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي سرڪار جو چوڻ آهي ته سنڌ جي 50 سيڪڙو گئس ٻين صوبن لاءِ کڻي نٿا سگهون، باقي اڌ جو وڏو حصو سنڌ واپرائي ٿي، جنهن تي سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته سنڌ جي گئس پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کي پيا ڏيو، سوئي سدرن سنڀالڻ لاءِ تيار آهيون، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي ان بيانن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ صوبو سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس پيداوار ڏيندڙ صوبو آهي، ان باوجود سنڌ کي پورو گئس نٿو ملي؟ اها وفاق جي سراسر زيادتي آهي، گئس تي سنڌ جو پهريون حق آھي ۽ سنڌ جو گئس ئي سنڌ کي نه پيو ڏنو وڃي؟ وفاقي وزير غلط بياني ڪري رهيا آهن، سنڌ کي پنهنجي ضرورت موجب گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي،

سنڌ جا ڪيترائي علائقا اڃا تائين گئس جهڙي سهولت کان وانجهيل آهن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته صحيح ڪير آھي خدا ٿو ڄاڻي سياستدانن جي بيانن تي اعتبار ڪونھي، خادم گهراڻو لکيو ته گئس سنڌ مان نڪري ٿي جيڪا وفاق پنهنجي من ماني ڪري پنجاب۽ ڪي پي ڪي کي ڏي ٿو وفاق کي سنڌ سان بي واجبي نه ڪرڻ گهرجي جيڪو سنڌ جو حق آهي اهو سنڌ کي ڏنو وڃي، عبدالغفور سروهي لکيو ته سنڌ سرڪار سياسي پوائنٽ اسڪورنگ پئي ڪري، جنيد زرين جمالي لکيو ته سنڌ جي حصي جو سنڌ کي گئس نه ٿو ڏنو وڃي ۽ نه سنڌ جي حصي جو پاڻي ٿو ڏنو وڃي، احمد علي ڪورائي لکيو ته سنڌ حڪومت جي موقف جي حمايت ڪجي ٿي، وحيد ڄامڙو لکيو ته ملڪ ۾ گئس جي ڪل پيداوار مان 70 سيڪڙو گئس سنڌ ڏيئي ٿئي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو وڌيڪ حق آھي پر ان باوجود اڄ به سنڌ جا ڪيترائي علائقا گئس جھڙي بنيادي سھولت کان وانجھيل آھن، عامر کوسو لکيو ته سنڌ سان ناجائزي آهي، ايس جمالي لکيو ته سنڌ حڪومت جي موقف جي حمايت ڪجي ٿي ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو گئس ڏنو وڃي، عاشق حسين لکيو ته 18 ترميم تحت مالڪي جا حق صوبن حوالي آھن ان مطابق ته پوءِ گئس تي مالڪي ڪرڻ سنڌ جو حق آھي،

سمير احمد لکيو ته اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ٿا ته پيٽرول ڊيزل سستو ڪيو وڃي، اياز علي راهوجو لکيو ته اھا سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي، علي بخش شر لکيو ته گئس سنڌ جو حق آهي وفاق ناانصافي ڪري پيو، عبدالغار خان به سروي ۾ حصو ورتو، علي گوهر سومرو لکيو ته هلائي ميونسپلٽي جهانگارا به نٿا سگهون هي سئي سدرن هلائيندا، علي مراد جوکيو لکيو ته وفاق طرفان سنڌ صوبي سان هميشه بيواجبيون ڪيون ٿيون وڃن، شفقت حسين زئور لکيو ته سنڌ سرڪار صحيح پئي چوي، حسين ٽانور لکيو ته گئس تي سنڌ جو حق آھي ۽ سنڌ جو گئس ئي سنڌ کي نه پيو ڏنو وڃي؟ اھا وڏي نا انصافي آھي، شاهد ڏاهري لکيو ته گئس ڏيندڙ صوبي کي گئس نٿي ملي، اها وفاق جي ناجائزي آهي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته پيداوار جي حساب سان سنڌ 72 سيڪڙو گئس ڏئي ٿي پر بدلي ۾ سنڌ کي نالي ماتر گئس ڏني وڃي ٿي وفاقي سرڪار جا وزير سدائين ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، حاجي ميهر ڦلپوٽو لکيو ته سنڌ سرڪار هلائي نٿا سگهن سوئي سدرن سنڀاليندا،

بجار خان جعفري لکيو ته وفاقي سرڪار جا وزير رڳو ڊائلاگ ھڻي رھيا آھن، حيدر سهندڙو لکيو ته وفاق سنڌ سان نا انصافي ڪري رهيو آهي، ارشاد علي لکيو ته سنڌ جي گئس سوڌو تيل ،ڪوئلي معدنيات ۽ ٻين وسيلن تي وفاق جو مڪمل قبضو آهي،سنڌ سرڪار جو موقف درست آهي، اويس قرني لکيو ته سنڌ حڪومت جي حمايت ڪرڻ کپي. رياض احمد لکيو ته آبادي پنجاب جي وڌيڪ ۽ گئس وري سنڌ وڌيڪ ٿو کڻي، ڪو شرم هوندو آهي اهڙي ڳالهه ٿا ڪن، بشير ميراڻي لکيو ته وفاق سدائين سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ۽ ڦريو آهي ، ممتاز سميجو لکيو ته سنڌ حڪومت جي موقف جي حمايت ڪريون ٿا وفاق هميشه سنڌ سان ٻه اکيائي ڪئي آهي، عاشق حسين لکيو ته سنڌحڪومت پنھنجي وسيلن جي مالڪي نٿي ڪري، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته وفاق سرڪار جي ناانصافي آهي، شيراز چانگ لکيو ته سنڌ حڪومت درست آھي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته سنڌ سان سراسر ناانصافي آھي ؟ محمدسليم سهندڙو، عبدالستار بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، شبير حسين ڀوت لکيو ته سنڌ ۽ سنڌين سان ناانصافي بند ٿيڻ گھرجي، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته غريبن سان اهي سچا ئي ناهن، گڙڌاري لال لکيو ته سنڌ جي وسيلن تي وفاق جو قبضو نامنظور،

وسير علي چانگ لکيو ته سنڌ کي سنـڌ جو حق ڪڏهن به نه مليو آهي ڇا پ پ پ خود ڪڏهن سنڌين کي حق ڏنا آهن، ظفر رند لکيو ته سنڌ گئس ڏئي ٿي پر اتي لوڊشيڊنگ آهي پشاور ۾ ڇو گئس جي لوڊشيڊنگ ناهي، گلزار احمد درس لکيو ته سنڌ سان ھر دور ۾ ويساھ گھاتيون ٿينديون رھن ٿيون ھاڻ آواز اٿارڻ سان گڏ ڀرپور مھم جي ضرورت آهي، عرفان جروار لکيو ته بلڪل سنڌ جو گئس تي حق آھي، محمد حسن مشوري ۽ احسان علي به راءِ جو اظهار ڪيو، مجاهد رند، جنيد سومرو، محمد الياس، جاويد هڪڙو به سروي ۾ حصو ورتو، نياز سومرو لکيو ته سنڌ حڪومت جو موقف درست آھي، وفاق سنڌ جو ھڪ وڏو حصو گئس جو پنجاب کي ڏئي رھيو آھي، عابد ڀٽي لکيو ته گئس تي پهريون حق سنڌ جو آهي، جميل احمد سهندڙو لکيو ته وفاق نا انصافي ڪري رهيو آهي، ڪامران سيال لکيو ته پيداوار جي حساب سان سنڌ 72 سيڪڙو گئس ڏئي ٿي پر بدلي ۾ سنڌ کي نالي ماتر گئس ڏني وڃي ٿي وفاقي سرڪار جا وزير سدائين ڪوڙ ڳالهائي غلط بياني ڪري رهيا آهن، مدثر سلطان ڀٽو لکيو ته سنڌ جي حصي جو سنڌ کي گئس نه ٿو ڏنو وڃي؟ بلال علي ابڙو لکيو ته 18 ترميم تحت مالڪي جا حق صوبن حوالي آھن ان مطابق ته پوءِ گئس تي مالڪي ڪرڻ سنڌ جو حق آھي.