اشو آف دي ڊي سن کان موٽندڙن جون گرفتاريون: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
152
اشو آف دي ڊي سن کان موٽندڙن جون گرفتاريون: سوشل ميڊيا تي ردعمل

  سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي قافلن جي رستا روڪ ڪرڻ ۽ گرفتارين واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ امير حسن پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سن مان واپسي تي ڄامشورو ايندي رياض چانڊيو ۽ محفوظ نوتڪاڻي کي پوليس ۽ رينجرز گرفتار ڪيو آهي. سرمد حيدرآبادي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو، جسقم آريسر اڳواڻ محفوظ احمد نوتڪاڻي ۽ ايس يو پي نوشهروفيروز جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سميت 250 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن،

آفتاب علي کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته افسوس جھڙي ڳالھه آهي هي پر امن سنڌي آھن ھي تـ ڪي دھشتگرد يا ٻاھرين ملڪ جا ناھن، رياض چانڊيو ۽ ڪارڪنن کي بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن تي سيد سرور شاهه، مير مرتضيٰ کوسو به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، ڊاڪٽر نذير احمد ميمڻ ۽ فقير ارسان حبيب چانڊيو به رياض چانڊيو گرفتاري بابت پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن تي محمد اسلم چانڊيو، آصف علي چانڊيو، طارق جسڪاڻي، امجد علي چانڊيو، استاد عارف حسين ۽ ٻين اهڙين گرفتارين جي مذمت ڪئي  اڪبر محب علي چانڊيو،علي رضا زئور، سردار دين محمد،فرحان تنيو، ۽ ٻين به گرفتارين بابت پوسٽون شيئر ڪيون، جنهن تي مزمل لغاري، سجاد سيوهاڻي، وهاب بلوچ، عاشق عباسي ۽ ٻين گرفتارين جي مذمت ڪئي. مقبول نوتڪاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ايس پي ڄامشورو جي خاطري باوجود منهنجي ڀاءُ محفوظ نوتڪاڻي کي سمورن قومي ورڪرن جي آزادي کانپوءِ به محفوظ کي آزاد نه ڪيو ويو آهي.