نسله ٽاور ڪيس: بلڊرز گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ عدالت پهچي ويا

0
148
نسله ٽاور ڪيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نسله ٽاور ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، بلڊرز عبدالقادر ۽ ولايت خان گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ عدالت پهچي ويا آهن

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀرجي عدالت جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت جوابدارن کي ڏهه، ڏهه لک رپيا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت جوابدارن جي 22 جنوري تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي آهي

جوابدارن جي خلاف فيروز آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي: نسلا ٽاور جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل