سرينا عيسيٰ شڪايت ڪري ڇڏي، پر ڪنهن جي خلاف

0
190
سرينا عيسيٰ شڪايت

اسلام آباد (بيورو) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ قانون واري وزير فروغ نسيم، اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور، شهزاد اڪبر ۽ چيئرمين ايف بي آر خلاف نيب چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب وٽ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آهي

سيرينا عيسي چيو آهي ته قانون واري وزير ۽ سندس ساٿين قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي

سيرينا عيسيٰ پنهنجي شڪايت ۾ لکيو ته قانون واري وزير پاڻ کي بچائڻ لاءِ انڪم ٽيڪس ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ڇڏي، انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي سيڪشن 216 تحت سمورو ٽيڪس رڪارڊ ڳجهو رکيو ويندو

هن چيو آهي ته ڪو به ماڻهو جيڪو آمدني ٽيڪس آفيسرن کان سواء انهن رڪارڊ تائين رسائي ڪندو ته ان کي سزا ڏني ويندي، قانون واري وزير منهنجو ٽيڪس رڪارڊ ڏسي قانون ٽوڙيو

هن چيو آهي ته مان پنهنجي نظرثاني درخواست ۾ عدالت کي ڀڃڪڙي خلاف ڪارروائي جي درخواست ڪئي آهي، عدالت نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون، تفصيلي فيصلو اڃا اچڻو آهي، پاڻ کي سزا کان بچائڻ لاءِ قانون واري وزير موجوده قانون ۾ ترميم جي تجويز ڏني