سوال/سروي سردار ۽ وڏيرا قبائلي جهيڙن ۾ ملوث آهن، ايس ايس پي شڪارپور جي رپورٽ تي عدالتي جاچ ڪرائي سزائون ڏنيون وڃن: عوام

0
403

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر ڪامران نواز پنجوٺا پاران رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ امتياز شيخ، سراج دراني، علي گوهر مهر، خالد لنڊ، شبير بجاراڻي، ابراهيم جتوئي، عابد ڀيو، بابل ڀيو، نفيسه شاهه،جاويد جيلاني، راشد شاهه راشدي، اعجاز جکراڻي ۽ ٻيا قبائلي جهيڙن ۾ملوث قرار ڏنا ويا آهن، اوهان ان رپورٽ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سردار ڀوتار وڏيرا ئي قبائلي جهيڙن ۾ ملوث آهن، ايس ايس پي جي رپورٽ تي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، جيڪو به ذميوار ظاهر ٿئي ان خلاف ايڪشن ٿئي، سوال/سرو سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آزاد انور مهر لکيو ته قبيلائي رتوڇاڻ سردارن ڀوتارن جي سرپرستي کان سواءَ ممڪن ناهي، شاهد ميراڻي لکيو ته ڀوتارن نه صرف قبيلائي ويڙهاند ڪرائڻ پر امن امان جي صورتحال بگاڙڻ کان ويندي ٿاڻن تي ٿيندڙ ناحق ٻڌي ڇوڙي جا به ذميوار آھن، ڀوتارن کي قانون سڌو ڪري ته سڀ معاملا حل ٿي ويندا، علي عباس جمالي لکيو ته وڏيرن سردارن ۽ ڀوتارن کي گرفتار ڪيو وڃي، گل حسن لکيو ته سياسي پٺڀرائي کانسواءِ ڌاڙيل ايترا طاقتور ڪيئن ٿي سگهن ٿا، خادم گهراڻو لکيو ته اڄڪلهه سنڌ ۾ قبائلي جيڙا وڌندا پيا وڃن، علي حيدر کوسو لکيو ته سردارن کي سزا اچي ته امن ٿي ويندو، شبير شر لکيو ته ان معاملي تي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي وڃي، عبدالله جروار لکيو ته قبائلي جهيڙن ۾ ملوث ڌرين خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، ڪليم چاچڙ لکيو ته رپورٽ درست آهي، ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ ۾ قبائلي جهڙا سردار، ڀوتار ۽ سياسي ماڻهو ئي ته ڪرائين ٿا، محمد خالد ميمڻ لکيو ته اها سچي رپورٽ لڳي ٿي، جاني شاهه لڪياري لکيو ته انھن سردارن سنڌ جي عوام کي ھميشه قبيلائي جھڙا ڏنا آھن، اسرار نوناري لکيو ته تر جو وڏيرو، سردار ۽ ڀوتار هر سماجي برائي کان ويندي ڦرون، داڙن ۾ ملوث رهيو آھي.سليم اختر لکيو ته اهڙا انڪشاف اڳ به ٿيا هئا، آفتاب لغاري لکيو ته اسان ته اڳ به چيو هو ته سردارن ۽ سياسي ماڻهن جي آشيرواڌ هوندي آهي، حماد الله ڪنڀر لکيو ته اهي سڀ ته اصل کان ئي قبائلي جهيڙن جا حامي آھن، عبدالرئوف باجڪاڻي لکيو ته شبير بجاراڻي امن پسند ماڻهو آهي، بخش علي مهر لکيو ته اهي وڏيرا ملوث آهن، اين بي شر لکيو ته رپورٽ جي حمايت ڪريون ٿا، مختيار ميمڻ لکيو ته ڀوتار اهڙي ڪم ۾ شامل آهن، عبدالغني کوسو لکيو ته قبائلي جهيڙن جي پٺڀرائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، ذاڪر کوسو لکيو ته مير پير ڀوتار رت جي راند ڪرائن ٿا سخت ايڪشن کڻڻ گهرجي، فقير وقار ڏاهري لکيو ته سياستدان پنهنجي اثر رسوخ لاءِ ايئن ڪن ٿا، سائين بخش لکيو ته حڪومت سچي ٿئي ته امن ٿي ويندو، عاشق حسين لکيو ته اھڙي رپورٽ کي سياستدانن رد ڪري ڇڏيو آھي، رپورٽ ڪوڙي آهي، سردار رام سنگهه لکيو ته جيڪڏھن اھڙي ڳالهه آهي ته پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڇا پيا ڪن؟ فاروق کوسو لکيو ته ڪير به قانون کان مٿانھون ناهي، شفيق کوسو لکيو ته سرداري نظام نامنظور، سڪندر انڙ لکيو ته اهي پنهنجي مفادن خاطر رت جون نديون وهائن ٿا، شاهد شر لکيو ته جيستائين وڏيرا ڏوهارين جا ساٿاري هوندا امن نه ٿيندو، راجا مهر لکيو ته ڪو به سردار نه چاھيندو ته قبيلائي تڪرارن کي ھٿي ڏيون ايس ايس پي جي رپورٽ شھيد پوليس اھلڪارن جي خون تان ڌيان ھٽائڻ آهي،اڪبر کوسو لکيو ته رپورٽ درست آهي، يونس بلوچ لکيو ته سردار مڪمل ملوث آھن ، ثناءُالله سڌايو رپورٽ جي حمايت ڪئي، راجا خان جتوئي لکيو ته ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان به اهڙي رپورٽ ڏني هئي،عرفان ڏاهري لکيو ته سردارن سنڌ جي عوام کي ھميشه جھيڙا ڏنا آهن، بشير ميراڻي لکيو ته وڏيرن جي آشيرواڌ سان جهيڙا ٿيندا آهن پوليس وارا به ان ۾ ملوث هوندا آهن، ابراهيم بروهي لکيو ته قانون نالي ڪا شيءِ نه آھي، رپورٽ تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ گهرجي، شفقت علي چارو لکيو ته چونڊيل نمائندا جهيڙن ۾ ملوث هوندا آهن، حر محمد وارث خان لکيو ته رپورٽ غلط آهي، نعمان غوري، سڪندر علي، نعمت الله نهڙي، انور ڪلوئي، ذڪريا جمالي، نواز علي کوسو، سينگار علي، احمد ڦلپوٽو، سارنگ منير سومرو، احمد سرتاج چانڊيو، جاويد احمد، حافظ صديق لغاري، عصمت الله حسن، صاحبزادو، علي علي، نماڻو نوناري، ابو نجم، حنيف رضا بلوچ، ڊاڪٽر ڀنيش شرما، هالار ياسين، عبدالحئي ساوند، حاڪم علي، آصف علي چانڊيو، عبدالرحمان تنيو، سڪندر بلوچ، بخت گوپانگ، عمران بلوچ، عبدالله کوسو، زاهد علي منگي، جنيد زرين بلوچ، ايم ڪي چانڊيو، وفا بابو پٺاڻ، محمد حنيف مهر، شهمير مهر، غلام فاروق، شيراز چانگ، جميل مارفاڻي، منصور راهو ۽ ٻين رپورٽ کي درست قرار ڏيندي چيو ته وڏيرا، سردار ڀوتار ئي قبائلي جهيڙن ۾ ملوث آهن، ايس ايس پي جي رپورٽ تي جاچ ڪرائي ذميوارن کي سزائون ڏنيون وڃن.