اشو آف دي ڊي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ منشيات جي وڪري خلاف سوشل ميڊيا تي مهم

0
309

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ منشيات جي وڪري خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ يوسف جاني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪڙيو گهنور ۾ منشيات جي آزار خلاف اٿندڙ آواز تحريڪ بڻجڻ لڳو آهي، بدين ضلعي جي سوين هزارين نوجوانن منشيات جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي، اڳئي ماڻهو ٺرو پي گند ڪندا هئا هاڻي گولاڙچي تعلقي جي سمورن شهرن، ڳوٺن ۾ منشيات جو ڪاروبار عام آهي، موالي ماڻهو نشو ڪري شهرين سان بدتميزي ڪن ٿا، سردار تنوير جان ميمڻ لکيو ته هن وقت ترائي ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات جو آزار وڌي ويو آهي، گٽڪي جو وڪرو ٿي رهيو آهي ترائي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، ذوالفقار علي چانڊيو لکيو ته گولاڙچي جي مين روڊ تي صبح 6 وڳي کان رات 2 تائين سرعام شراب جو وڪرو ٿي رهيو آهي، منشيات جي وڪري جي پوليس کي مبينا منٿلي ملي ٿي، حنيف ڏيانگ لکيو ته هڪ ڪرياني جي دڪاندار جو چوڻ آهي ته ايتري رقم جو اٽو به وڪرو نٿو ٿئي جيتري رقم جو گٽڪو وڪرو ٿئي ٿو، اصغر نوتڪاڻي لکيو ته ڪڙيو گهنور جي نوجوانن منشيات خلاف ڀرپور آواز اٿاريو آهي، حسام نظاماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منشيات کان انڪار ۽ زندگي سان پيار ڪريو، سنڌ منشيات کان پاڪ کپي ٿي، گولاڙچي، بدين، تلهار، ماتلي ۾ منشيات خلاف ڀرپور آواز اٿاريو وڃي، سيف الله پنهور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن وقت کورواهه ۾ منشيات جو آزار وڌي ويو آهي. محمد حسن شاهاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن وقت ترائي ۽ ڀرپاسي منشيات جو سرعام وڪرو جاري آهي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. ڀلجي ڀيل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان ڇو چئون ته ٽنڊومحمد ۾منشيات هوٽلن، دڪانن ۽ ڪيبنن تي سرعام هلي ٿي، گلاب خاصخيلي لکيو ته اهو به نه ٻڌائجان ته ٻهراڙين ۾ شرابن جون بٺيون هلن ٿيون. نظام ڪولاچي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان منشيات خلاف احتجاج شروع ڪيو آهي شهرين کي به شرڪت جي دعوت ڏني آهي، باڊهه جي سڀني ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون ته نشي وارو دوائون ڊاڪٽر جي پرچي کانسواءِ ڪنهن به نه ڏين، منشيات عام ٿيڻ جو اهو اثر آهي جو باڊهه ۾ صحافي، استاد، ڊاڪٽر، سياسي سماجي اڳواڻ، واپاري لڏي جا ماڻهو به منشيات جي جهڙي عادت ۾ ڦاٿل آهن، پوليس ۽ ٻين کاتن جا سرڪاري ملازم به بچيل ناهن. جنهن تي گلشن منگي لکيو ته سنڌ جي هر شهر ۾ منشيات جو وڪرو عام ٿي ويو آهي، نوجوان نسل آئس تمام گهڻو استعمال ڪري ٿو، نصيرآباد ۾ منشيات جو ڪاروبار هلي ٿو.ايڊووڪيٽ موسيٰ ڪولاچي، خالد حسين، زبير عباسي، سمير علي سنديلو ۽ ٻين پوسٽ تي ردعمل ڏنو. سنڌو نواز گهاگهرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نوشهرو فيروز ۽ محراب پور ۾ منشيات جو واهپو عام آهي، نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، ٽن ڏينهن کان محرابپور ۾ منشيات خلاف ٽن ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺل ڪامريڊ ولايت نوناري وٽ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو وٽ پهچي بک هڙتال ختم ڪرائي آهي. جنهن تي فرزانه ٻرڙو لکيو ته هر هنڌ منشيات عام ٿي وئي آهي نوجوان نسل تباهه ٿي رهيا آهن انهن خلاف مستقل جدوجهد جي ضرورت آهي،محمد خان راجپوت لکيو ته محرابپور منشيات جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي. فقير ولايت حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ايس پي نوشهرو فيروز کي هفتي جي مهلت ڏيون ٿا جيڪڏهن منشيات خلاف سخت ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻندس.