ڪوھستان جي 371 ايڪڙ زمين گهڻ قومي ڪمپني حوالي ڪرڻ جون تياريون، سروي شروع

0
289

جنگشاهي (رپورٽ: عبدالرئوف بروهي) جنگشاھي ڪوھستان 7 ڀاڱي 4 ۾ روينيو کاتي پاران ضلعي انتظاميا ٺٽو جي آشيرواد سان ڪوھستان جي 371 ايڪڙ زمين ملٽي نيشنل ڪمپني حوالي ڪرڻ جون تياريون، ڳجهي طريقي سان سروي جو انڪشاف. ذريعن موجب ضلعي انتظاميا ٺٽو جي حڪم تي روينيو کاتي جي عملدارن جنگشاھي ڪوھستان 7 ڀاڱي 4جي مڪان مرزا تل جي 371 ايڪڙ ڪوھستاني زمين گهڻ قومي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڳجهه ڳوهه ۾ سروي شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رھي ته ھن کان اڳ ۾ به يوسي جھمپير جي ڪوھستاني پٽي 7 ڀاڱي ھڪ جي وڏي ايراضي مختلف ڪمپنين سميت ڌارين حوالي ٿيڻ بعد ھاڻي ڪوھستاني پٽي ست ڀاڳي چار ۾ به ڌارين کي آباد ڪرڻ جي راھ ھموار ڪئي پئي وڃي.جنھن سان ڌرتي ڌڻين پنھنجي ئي زمينن مان بيدخل ٿي ويندا. جنگشاھي جي متاثر ٿيندڙ مقامي رھواسين اسحاق جوکيو، حاجي حنيف، حاجي مير حسن جوکيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان سوين سالن کان ڪوھستاني پٽي ۾ آباد آھيون. جتي ھن وقت 8 ونڊ پاور ڪمپنيون لڳي چڪيون آھن، جن جو ڪم آخري مرحلن ۾ آھي، ويتر رھيل ڪوھستاني زمينن جي سروي ڪري ڌارين حوالي ڪري ھتان جي سمورن قديمي ماڻھن کي بيدخل ڪيو ويندو، جيڪا سازش ھر گز برداشت نه ڪنداسين. ھنن چيو تہ اسان جي وڏڙن اھي ڪوھستان واريون زمينون 30 سالا ليز توڙي کڻتن تي کنيو ھيون، جيڪي مقامي رھواسين جون پنھنجون ذاتي ملڪيتون آھن. جن جي سروي ڪري تي ڪوبہ اھي زمينون به ڌارين حوالي ڪيون وينديون. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪوهستان جي زمين ڌارين حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.