پنهنجو پريس ڪلب دولتپور صفن: يوسي کڙ ۾ روڊ جي سهولت ڏيو

0
232

يــوسي کڙ کان چوٽيهه ھزار موري تائين لنڪ روڊ جي سھولت ڏني وڃي، دولتپور صفن جي يوسي کڙ جي ڳوٺن جي اٽڪل 5 لک آبادي آهي، پر ان علائقي کي لنڪ روڊ جي سهولت به ميسر ناهي، جنهن ڪري رهواسي سفر دوران پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، هتان چونڊيل نمائندن غلام مصطفيٰ شاهه ۽ خان محمد ڏاهري کي شڪايتن باوجود علائقي واسين کي روڊ جي سهولت ناهي ملي سگهي. علائقي واسين سنڌ سرڪار، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته لنڪ روڊ ٺهرائي عوام جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
(بابر ڀٽو جو واٽس ايپ ميسيج)