ايس پي جي رپورٽ ۽ سنڌ جا سردار!
سنڌ اڄڪلهه مختلف خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي جن ۾ وفاق جون ناجائزيون، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هجي يا ڌرتي ڌڻين جي مرضي خلاف ٻيٽن تي شهر اڏڻ هجن، بحريا مافيا جيڪي سنڌ جي زمينن کي پنهنجي پيءُ جي جاگير سمجهي سنڌ جا قديم ڳوٺ ڊاهيا ٿا وڃن ۽ ٽيون وڏو خطرو سنڌ ڌرتي کي قبيلائي جهيڙن ۽ خوني تڪرارن مان آهي، جنهن سموري سنڌ کي ڳڻتي ڏئي ڇڏي آهي، ڏسجي ته قبيلائي جهيڙن سنڌ کي سوين سال پوئتي ڪري ڇڏيو آهي، تڪرارن سبب سنڌ جي تعليم، ترقي ۽ شعور جو گراف زيرو ٿي چڪو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ اڻ سهائي، جهالت، نفرتون ۽ اڻ ڄاڻائي وڌندي پئي وڃي. سنڌ ۾ ڪنهن درگاهه تي ڌاڳو ڦيڻو وٺڻ، خطرناڪ بيمارين جو علاج صرف چند ٽڪڻ تي ٿيو وڃي، ڇا جي تحقيق، ڇا جي ريسرچ، بس رڳو مرشد جي نظر ڪرم ٿئي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي اها حالت ڪرڻ وارا ٻيا ڪير نه پر اهي نمڪ حرام سردار، ڀوتار ۽ پير آهن، جنهن قبيلائي جهيڙن جو بنياد وجهي امن جي ڌرتي کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو آهي. تازو ايس پي شڪارپور جيڪا رپورٽ پڌري ڪئي جنهن ۾ قبيلائي جهيڙن، اغوائن ۽ خوني تڪرارن ۾ اهي سردار ۽ ڀوتار ملوث آهن. جيڪي سنڌي ماڻهن جي ووٽن تي ايوانن تائين پهچن ٿا، حيرت جي اها ڳالهه آهي ته اهي سردار هڪ ئي پارٽي ۾ هجڻ ۽ هڪ ئي اسيمبلي ۾ ويهڻ باوجود ٻن برادرين کي ويڙهائن ٿا ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪن ٿا، مثال ايس پي جي رپورٽ موجب ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن برادرين جي جهيڙي کي هڪ برادري کي امتياز شيخ سهڪار ڪئي ۽ ٻي ڌر کي شبير بجاراڻي سهڪار ڪئي. انهن ٻنهي جو تعلق پ پ پ سان آهي، تنهن ڪري اسان وري به سنڌي قوم کي چئون ٿا ته اهڙن منافق سردارن، ڀوتارن ۽ پيرن کي سڄاڻو، اڳتي اهڙن بااثرن کي ووٽ ته پري پر بوٽ به نه ڏيو. اسان سنڌ حڪومت کي عرض ٿا ڪريون ته ايس پي جي رپورٽ کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ۽ سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تي پهچايو وڃي ته جيئن سنڌ جو مستقبل روشن ٿئي.
غلام الله گاڏهي / نصيرآباد
سنڌي چينلن ۾ هاڻ نواڻ اچڻ گُهرجي!
مون کي انتهائي ڏک ٿيو جڏهن خاندان جي پيرسن چيو ته بابا اسان موبائيل فون مان بلڪل به نه ڄاڻون، گهر ۾ ٻار سڄو ڏينهن موبائيل تي ريڌل هوندا آهن، انهن جي گهڻي موبائيل هلائڻ تي ڪاوڙ به اچي ٿي پر دڙڪو ڏيڻ چڱو نٿا سمجھون، سو پٽ اسان جي لاءِ وندر آهي هڪ اخبار ٻيو وري ٽي وي. اخبار جو پنهنجو لطف هو ۽ اڄ به آهي پر وري به هن جديد دور ۾ ٽي ويءَ جو پاسو ڳرو آه، پر هاڻ ٽي وي به هن پيرسنيءُ کي ريجهائي نٿي سگهي. ان لاءِ جو هاڻي ماڊرن دور ۾ اسان کان ٽي وي ڄڻ ته سڪون کسي رهي آهي، مان پنهنجي خاندان جي پيرسن کي جي ها! جي ها، ۾ جواب ڏيندو رهيس، نيٺ هن چيو ته سنڌ ۾ سنڌي چينلن جي جيئن ئي شروعات ٿي ته آهستي آهستي انهن چينلن نه رڳو سنڌ ۾ پر پوري دنيا ۾ مقبوليت ماڻي، ڇو جو انهن جي مالڪن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته انهن سنڌ ۾ سٺيون اخبارون ڏئي سنڌين لاءِ آڪسيجن ڏني آهي ۽ بعد ۾ سنڌي چينل آڻي سنڌ سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين کي پنهنجي رنگن ۾ رنڱيو اچن. پروگرام، ڊراما، خبرون، هر رخ کان ڪم ڪندا رهيا ۽ اسان کي پيرسني ۾ ڄڻ ته جياپو پئي ڏنو. سڪون وڌيڪ تڏهن ملندو هو جڏهن سمورن چينلن تي صوفياڻا ڪلام هلندا هئا يا اهڙا پروگرام هلندا هئا جن ۾ صوفي فنڪار هوندا هئا، جيڪي عارفاڻا ڪلام، لوڪ گيت ٻُڌائيندا هئا. هاڻي پروگرام ته نٿا هلن پر ڪجهه منٽن جا ڪلام به نٿا هلن، اسان کي سڪون ڏيڻ وارا ڪلام ڄڻ اسان جي پيرسن مَن کان کَسجي ويا آهن، ٽي وي چينلز جي انتظاميا تائين شڪايت پهچايان ٿو ته سنڌي چينلن تي صوفي پروگرامن جو وقت 30 کان 40 منٽ رکيو وڃي جيئن نه رڳو پيرسن پر نوجوان به صوفياڻا ڪلام ٻڌي سڪون وٺن ۽ جديد دور ۾ اوليا.ن جي شاعري پسي سگهن، ان سان سنڌي چينلس ۾ وڌيڪ ڪشش پيدا ٿيندي.
درياءُ خان جهتيال/گلشن حديد ڪراچي
لطيف يونيورسٽي جي شاگردن جا مسئلا حل ڪريو!
روز ڪنهن نه ڪنهن ڊپارٽمينٽ جي شاگردن سان انتظاميا جون ناانصافيون جاري آهن، هن ڀيري وري اڪانامڪس شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن سان به ويڌن آهي، 2020ع سال جون رهيل مارڪشيٽون سال گذرڻ باوجود نه مليون آهن، جنهن ڪري شاگرد ڪنهن نوڪري ۾ اپلاءِ ڪرڻ کان محروم آهن، ان کان سواءِ احساس اسڪالرشپ جي مستحق شاگردن جو وظيفو به مارڪشيٽس نه هجڻ جو بهاڻو ڪري واسطيدارن جي انتظاميا سان ملي ڀڳت سان هڙپ ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي پئي وڃي، شاگرد چيئرمين اڪنامڪس، ڊين، افيئيرز ڊائريڪٽر ۽ رجسٽرار شاھ لطيف يونيورسٽي جي آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن، نه انهن کي ڪو خاطر خواهه جواب ڏنو ٿو وڃي نه ئي ڪم ٿو ڪيو وڃي، شاگرد پنهنجن ڏورانهن علائقن مان هن دجالي دور ۾ وياجين کان پئسا وٺي خرچ ڪري هڪ مارڪشيٽ لاءِ اچن پيا، جنهن جي فيس جي صورت ۾ رقم ڪٽڻ باوجود نااهل وي سي ۽ رجسٽرار سبب ٻيهر چالان جي صورت ۾ فيس گهري پئي وڃي. هن وي سي مان اڄ تائين شاگردن کي ڪو به رليف ناهي مليو، ملندڙ سرڪاري اسڪالرشپ به انتظاميا هڙپ پئي ڪري، 2018ع واري هيڪ اسڪالرشپ به اڄ تائين مستحق ۽ غريب شاگردن کي ناهي ملي، 2018,19,20,21 چئن سالن ۾ آيل شاگردن 9 ڪروڙ رپيا اسڪالرشپ مان صرف خاص ۽ پنهنجا نوازي تحت ڪجھ شاگردن کي ڏني وئي. اسان پرزور اپيل ٿا ڪريون سول سوسائٽي خيرپور، سماجي اڳواڻن، گورنر سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ، هيڪ چيئرمين کي ته شاگردن جو ساٿ ڏئي ساڻن انصاف ڪرائين جيئن مستقبل جي نقصان کان شاگرد بچي سگهن.
محمد آصف/ ڳوٺ مولابخش شر، ٺري ميرواهه
اورنگي ٽائون ۾ پاڻيءَ جي لائن جي غير قانوني ورهاست بند ڪريو!
هونئن ته ڪراچيءَ جا شهري پاڻيءَ جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ سڪندا آهن پر اورنگي ٽائون جي علائقي واسي ڪجھه وڌيڪ پاڻيءَ جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن. اورنگي ٽائون جي سيڪٽر ايل/12 پي ايس 95 ۾ پاڻيءَ جي لائين غير قانون طريقي سان لڳائي پئي وڃي جنهن جي ڪري علائقي جا ماڻهو ذهني دٻاءَ جو شڪار آهن، ڪنهن به گھٽيءَ ۾ پاڻي ايندو آهي ته ڪنهن علائقي ۾ نٿو اچي جنهن جي ڪري علائقي واسي تمام گھڻو پريشان آهن. ايم پي اي علي خورشيدي ۽ واٽر بورڊ جي ماڻهن جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت هلي رهي آهي. 15 هزار في گھر کان وٺي سڄي گھٽيءَ کي پاڻيءَ جي لائين جي غير قانوني ورهاست ڪئي پئي وڃي. جنهن جي ڪري جن گھٽين ۾ پاڻي ايندو آهي انهن جو پاڻي ڪٽي ٻين گھٽين کي غيرقانوني طور ورهايو پيو وڃي. اسان اورنگي ٽائون جا رهواسي وزير بلديات، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون ته ايم پي اي علي خورشيدي جيڪو ايم ڪيو ايم پاڪستان جو نمائندو آهي ۽ واٽر بورڊ جي ٽيم خلاف ڪارروائي ڪندي فوري طور تي علائقي ۾ پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي لائينن جي غير قانوني ورهاست روڪرائي وڃي، جن لائينن کي ورهايو ويو آهي انهن کي فوري طور تي پنهنجي اصل حالت ۾ واپس آڻي بحال ڪيو وڃي.
شاهمير راجپوت/اورنگي ٽائون، ڪراچي
واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت ڪرايو!
واهي پانڌي جوهي روڊ تي قائم گاج پل زبون حاليءَ جو شڪار آهي، پل کي ڏار پوڻ سبب ڳرين گاڏين جي اچ وڃ بند ٿيل آهي، تڪ جا چونڊيل نمائندا چونڊ کٽڻ کانپوءِ غائب ٿي ويا آهن، اها پل ڪنهن به وقت ٽٽي سگهي ٿي ۽ ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگھي ٿي، روڊس کاتو ضلعو دادو جي انتظاميا بيخبر بڻيل آهي. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ڪاڇي مان تيل ۽ گئس نڪري رهيو آهي ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن پر علائقي جي ترقي لاءِ ملندڙ فنڊ تڪ جا چونڊيل نمائندا پاڻ سان گڏ کڻي ٿا وڃن، اهي فنڊ ڪٿي ٿا خرچ ڪيا وڃن ڪنهن کي ڪا خبر ناهي جڏهن ته ڪاڇي، واهي پانڌي ۾ ترقياتي ڪم زيرو آهن. هن وقت واهي پانڌي جوهي روڊ تي گاج پل جي  حالت انتهائي گهڻي خراب آهي، ڪنهن به وقت پل ڪري سگهي ٿي، ان لاءِ آئون وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندس ته واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت ڪرائڻ سميت گاج پل جي پڻ مرمت ڪرائي وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
صحافي برادري کي ٻڌي ۽ اتحاد جي ضرورت آهي!
صحافتي پيشو مقدس آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ صحافين سان جيڪي ويل ۽ ظلم آهن سي ڪنهن کان لڪل ناهن، ڪوڙن ڪيسن کان وٺي تشدد، قتل جا واقعا به معمول آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سمورا صحافي پاڻ ۾ ويڇا وساري هڪ ٿي وڃن ته شايد اهڙي ڳنڀير صورتحال پيدا نه ٿئي، ڇو جو ٻڌي ۾ طاقت ئي نه پر عزت به آهي، ان ڪري هن وقت صحافي برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي اتحاد جي سخت ضرورت آهي پر اهڙي اتحاد کان اڳ صحافي پاڻ ۾ موجوده ڪارين رڍن کي وائکو ڪري پريس ڪلبن ۽ صحافين جي حقن لاءِ جڙيل مختلف تنظيمن کان ٻاهر ڪڍيو وڃي، ڇو جو ڪجهه ڏوهاري ۽ منشيات فروش صحافين جي صفن ۾ شامل آهن، جن کان هر شهري واقف آهي، اهڙا بليڪ ميلر ۽ منشيات فروش صحافت کي بچاءَ طور استعمال ڪري غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آهن ۽ ٿوري وقت ۾ ڪک مان لک پتي بڻجي ويا آهن، جن جي ڪري سمورن صحافين تي آڱريون پيون کڄن، ان ڪري اهڙي ڪِني آڱر وڍي چڱي آهي. جتي بهادر ۽ ايماندار صحافي سِر تَري تي رکي حق سچ لکي رهيا آهن ته اتي اهڙا به صحافي آهن جيڪي ڀوتارن ۽ ڪامورن جي ڪمداري پيا ڪن، جڏهن اسان ڪنهن رئيس، مير، پير، وڏيري يا ڪاموري کان عيد خرچيون وٺنداسين ۽ سندن بنگلن تي وڃي خوشامد ڪنداسين ته لازمي آهي ته سندن ڪڌن ڪمن ۽ ڪردارن تي ڪک رکڻ به اسان جي مجبوري هوندي. ان ڪري هاڻ وقت وڃائڻ کان سڀ صحافي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ٻڌي ڪن. حق سچ لکندڙ صحافي ڪڏهن به پنهنجو قلم نٿا وڪڻي سگهن ۽ حق سچ لکڻ خاطر سر ڪپائي شهيد ته ٿي سگهن ٿا پر سندن سر رب کان سواءِ ڪنهن جي اڳيان ناهي جھڪندو.
محمد ايوب شيخ/بدين
شادين ۾ رسم بڻجي ويل فائرنگ!
اڄ ڪلهه ھڪ طرف عوام پاران مھانگائي جون دانھون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف ساھتي پرڳڻي نوشھروفيروز جي شھرن توڙي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ شاديءَ جو پروگرام ھجي، سالگرهه پارٽي ھجي، ڪنھن کي پٽ جو اولاد ٿيڻ جي خوشي ھجي يا عيد جي خوشي ھجي، ته انھن موقعن تي ماڻھو ايئن بي قابو بڻجي غيرقانوني اجايو ۽ فضول فائرنگ ٿا ڪن ڄڻ کين خوشي نه پر هنن ملڪ فتح ڪيو هجي ۽ پاڙيسرين کي اھو باور ڪرائيندا آهن ته اسان وٽ ايترا ھٿيار آهن ۽ اھي خوشيءَ جي موقعي تي فائرنگ ڪرڻ وقت حد جي پوليس جي به پرواهه ناهن ڪندا ۽ پوليس پڻ فائرنگ ٻڌڻ باوجود انھن وٽ وڃي انھن کان فائرنگ جو سبب پڇڻ جي به تڪليف ناهي ڪندي ته کين لائسنس وارا هٿيار آهن يا بنا لائسنس وارا. اڄ ڪلهه شاديءَ جي پروگرامن ۾ مھمانن لاءِ طعام تي ڌيان گھٽ پر شراب جي محفلن ۽ فائرنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي اجايو مھانگائي واري دور ۾ فضول خرچ ڪيو پيو وڃي، ضلعي ۾ ڪيترين ئي شادين ۾ فائرنگ سبب ماڻهن جي زخمي ٿيڻ ۽ فوت ٿيڻ جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، جنھن سان خوشيون ماتم ۾ بدلجي وڃن ٿيون. ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد، ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل آھي ته ضلعي نوشهروفيروز ۾ خوشيءَ جي موقعي تي رسم بڻجي ويل فائرنگ جي خاتمي لاءِ سخت قانوني قدم کنيا وڃن ته جيئن ضلعي ۾ فائرنگ ذريعي ٿيندڙ فضول خرچ ۽ لاپرواهيءَ سبب انساني قيمتي جانين جو ضايع ٿيڻ کي ٻنجو اچي سگھي.
فقير شريف مڱريو/ڪنڊيارو
گهنور فقير رند قبرستان تي قبضن جو نوٽيس وٺو!
مقصودو رند لڳ قديمي قبرستان گهنور فقير رند تي قبضاگيرن قبضا ڄمائي ورتا آهن، هن قديمي قبرستان ۾ بزرگ اولياءَ سخي سلطان فقير لاشاري جي درگاھ کان سواءِ عظيم هستيون مدفن آھن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود ڊي سي سانگھڙ هن قبرستان تي قبضي جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو. قديمي قبرستان گهنور فقير رند تي قبضاگيرن قبضا ڪري ورتا آھن، هن قديمي قبرستان ۾ بزرگ اولياءَ سخي سلطان فقير لاشاري جي درگاھ کان سواءِ آسپاس جي 50 کان 60 ڳوٺن جون معتبر ۽ معزز شخصيتون دفن ٿيل آھن، جڏهن ته قبرستان ۾ منشيات ۽ جوئا جا اڏا پڻ موجود آھن، تنهن ڪري سڄو ڏينهن جوئارين ۽ موالين جي اچ وڃ سبب عظيم ھستين جي مقبرن جي بيحرمتي ٿي رهي آهي، هن قبرستان ۾ آسپاس جي 50 کان 60 ڳوٺن ۾ رهندڙ مختلف برادرين جن ۾ رند، لاشاري، خاصخيلي، لاکا، مڱڻھار، پنڃارا، لوهار ۽ ٻين بردارين جا ماڻھون دفن ٿيل آھن، ان بابت قبرستان ڪاميٽي جي اڳواڻ قلندر بخش رند ۽ سماجي ورڪرن ڪامريڊ علي نواز رند، ربنواز رند موجب قديمي قبرستان جي ايراضي 82 ايڪڙ آھي پر قبضاخورن قبرون مسمار ڪري پنهنجا اوتارا ۽ گهر ٺاهي ڇڏيا آھن، جنهن سبب قبرستان کي سوڙھو ڪري باقي وڃي 15 ايڪڙن تي ڇڏيو آھي. اسان ڪافي وقت کان هن مسئلي تي دانهيندا رهيا آھيون پر تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود قبضا خورن خلاف ڪارروائي شروع ناهي ٿي سگهي. اسان اعليٰ اختيارين ۽ ڊي سي سانگهڙ کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت قبضاگيرن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي واسين ۾ ڦھليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
ظھور حسين رند/ مقصودو رند، سانگهڙ
پراڻو ھاري ايڪٽ ۽ جديد دور!‎
جتي دنيا ڏينھون ترقيءَ ڏانھن تيزي سان وڌندي پئي وڃي، اتي انسان ترقيءَ جي نالي ۾ سوين قربانيون پڻ ڏئي رھيو آھي، عام انسان تي ترقيءَ جا خراب اثر پڻ پئجي رھيا آھن، جنھن جي ڪري ترقي سان گڏ کٽڪن کي نظرانداز ڪرڻ آھي، اھڙي ترقي ھر طبقي کي نظرانداز ڪيو آھي، جنھن سان ھاري طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آھي. اوائلي دور ڊگھي عرصي کان ڏاندن ۽ نارن جي استعمال بعد مشينري جي استعمال ھارين کان اڌ حصو کسي ورتو آهي اتي وري منافعي خور ڳاٽي ٽوڙ مھانگين پيسٽيسائيز زرعي دوائن جي استعمال ھارين کي معاشي بحرانن ڏانهن ايترو ته پري ڌڪي ڇڏيو آهي جو بٽائي ڪرڻ مھل ھاري جي حصي ۾ ڪڻو به نٿو بچي، ان لاءِ سرڪاري کي گھرجي ته بدلجندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي ڏيڍ سئو سالا پراڻي قانون ۾ ترميم آڻي ھارين کي استحصال کان بچائي ۽ سندن  حقن کي وڌيڪ محفوظ بڻائي سگھجي ٿو، جنهن سان سنڌي جي هارين جا ڏينهن تبديل ٿي ويندا ۽ جنهن سان سنڌ ترقي ڪندي.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
وري به آيون يار تغاريون مٿي تي!‎
سنڌ حڪومت طرفان پهرين کان چوٿين اسڪيل جون ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو آھي، هڪ پاسي سنڌ جي بيروزگار نوجوانن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آھي ڇو ته سنڌ حڪومت گذريل حڪومت کان وٺي بيروزگار نوجوانن کان مختلف کاتن ۾ صرف درخواستون وٺي، درخواستن جي ڏس ۾ وڏا خرچ ڪرائي کين صرف دلاسن ۾ رهايو آھي، ته ٻئي پاسي وري نوجوان ان ڪري مايوس آھن ته ڇا هيل به اسان کي آرڊر ملندا يا صرف تڪ جي نمائندن ۽ ڪامورن جي من پسند ماڻھن تي نوازش ٿيندي؟ ننڍين نوڪرين کان وٺي ڪميشن تائين پنهنجا نواز پاليسي ۽ مال تي ڌمال واريون خبرون ڪنهن کان ڳجهيون ناهن. ضلعي سجاول ۾ به ڀرتين جو اعلان ڪيو ٿيو ته اسان دوستن ان تي ويچاريو ته نوڪريون واقعي ميرٽ تي ملنديون؟ ايم پي اي، ايم اين اي ۽ ضلعي جي اڳواڻن جي ڪوٽا آھي يا ته وري پئسن تي وڪامجنديون؟ ته هڪ بيروزگار گريجوئيٽ پاس دوست ٻڌايو ته يار نوڪري جي ڪري هڪ سياسي اڳواڻ جي ڪلهن ۾ اجرڪ پارائي کيس پارت ڪئي مانس ته هينئر مون تي پٽيوالي يا چوڪيداري جي نوازش ڪر، بيروزگاري جو عذاب نٿو برداشت ڪري سگهان. ڪيڏي نه حيرت جي ڳالھ آھي جو هڪ گريجوئيٽ نوجوان ڪنهن سياسي اڳواڻ جي اوطاق تي وڃي پٽيوالي لاءِ منٿ ٿو ڪري. اهڙي ئي پٽيوالي جو آرڊر ڪنهن وڏيري جي 5 ڪلاس پاس پٽ يا ڀائٽي کي به سولائيءَ سان ملي ٿو وڃي. حڪمرانن طرفان بيروزگار نوجوانن لاءِ روزگار جا بهترين موقعا فراهم نه ڪرڻ سبب ڪيترائي گريجوئيٽ نوجوان بيروزگاري جو عذاب ڀوڳي رهيا آھن ۽ مزدوريون ڪري پنهنجي جيئڻ جا جتن ڪري رهيا آھن، بقول شاعر جي ته:
لکياسين پڙھياسين مزدوريون ڪري،
وري به آيون يار تغاريون مٿي تي!
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول
سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪيو!‎
سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ نوڪرين جا اشتهار اچي چڪا آهن، نوجوان درخواست ڏيڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، ادارا پاڻ ڪاغذ وٺي رهيا آهن، جيڪي بي پي ايس هڪ کان چار جون نوڪريون آهن ۽ جاين جو تحداد صرف 2 يا 5 آهن، پوري ضلعي تي هاڻي ڳالهه ڪنداسين جيڪي هزارن جي تعداد ۾ نوجوان بيروزڳار ويٺا آهن، اهي ڪيترائي پئسا خرچ ڪري ڪاغذ ڪاپي ڪرائين پيا ۽ ڪيترين ئي پئسن مان تصويرون ڪاغذ اٽيسٽيڊ پيا ڪرائين، اهو به نه پيا ڏسن ته اهو سنڌ جو رهاڪو آهي به يا نه، گذريل سال ساڳن ادارن جا نوڪرن اشتهار آيا هئا، ٽيسٽ پاڻ وٺڻ جو چيو ويو پر شاگردن کي ڪنهن به ٽيسٽ يا انٽرويو جو ڪال يا ايس ايم ايس نه آيو، بس خبر پئي ته نوڪريون ورهائجي ويون، اهي نوڪريون ڪنهن ڏنيون؟ اهي نوڪريون وڏيرن ڏنيون ۽ ڪرپٽ آفيسرن ڏنيون، سنڌ ۾ تازيون نوڪريون پوليس ۾ به آيون آهن جيڪو لاڙڪاڻي ۾ نوجوانن کان ڊوڙون پارايون ويون جنهن ۾ ڪنهن شاگرد وڊيو رڪارڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن ۾ صاف ڏسڻ ۾ اچي پيو ته هڪ پوليس وارا ڊوڙندڙ شاگرد کي اڌ رستي مان اسڪوٽر تي کڻي منزل طرفان وڃي رهيو هو، خدارا رحم ڪيو، مسڪين غريبن تي جيڪي مهانگا چالان پياري قرض تي پئسا وٺي به درخواستون ٿا ڏين، اسان سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش ٿا ڪريون ته ميرٽ جي لتاڙ روڪي وڃي ۽ بي پي ايس هڪ کان چار واريون نوڪرين جو ذمو ڪنهن ٽيسٽ وٺندڙ اداري کي ڏنو وڃي ته جيئن انهن  شاگردن کي پنهجي ٽيسٽ جي رزلٽ جي صحيح ڄاڻ ملي.
سجاد جوڻيجو/ سيهڙ اسٽيشن، لاڙڪاڻو
ڇا هي نوڪريون به حد جا ايم پي اي من پسندن کي ڏيندا؟
جيئن ته ڪجھ ڏينھن اڳ 01 کان 04 گريڊ جي نوڪرين جا اشتھار آيا آھن ۽ تقريبن ھر بيروزگار نوجوان جي دل ۾ ڄڻ ته اميد جو ڏيئو روشن ٿي پيو آهي پر شايد انھن قسمت جي مارين کي اھا خبر ناهي ته اھي آرڊر شايد انھن جي لاءِ نه پر ايم پي ايز، ايم اين ايز جي واٺن لاءِ آھن، اھي واٺا جيڪي اليڪشن وقت انھن جا نعرا ھڻندا آھن ۽ جيڪي انھن جون وڏيون وڏيون دعوتن ۽ ميڙاڪن جا انتظام سنڀاليندا آھن، اھي حڪمرانن کي اليڪشن ۾ ھن وقت لاءِ خوش ڪندا آھن ته جيئن اھي حڪمرانن کان پنھنجن پٽن ۽ ڀائٽين لاءِ نوڪريون وٺي سگھن، مطلب ته وڏيرن جا واٺا، وڏيرن کي مٿان جيڪي به آرڊر اچن پيا اھي اڳواٽ بڪ ٿيل ھوندا آھن ۽ لڪ ڇپ ۾ انھن تي ڀرٿي ڪرائي ويندي آهي، باقي فارملٽي پوري ڪرڻ لاءِ غريب پڙھيل لکليلن کان ڪوڙ بدوڙ لاءِ ڪاغذ وٺندا آھن ته جيئن ڪنھن وڏي مسئلي کان بچي سگھن، ڪنھن اھو نوٽ ڪيو آهي ته اليڪشن ويجھو ايندي آھي ته ھڪ کان چار گريڊ جون ايتريون نوڪريون ڇو اينديون آھن، اھي ان لاءِ جو واٺا راضي ٿين، ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ وري واٺن جي مدد سان هو اليڪشن کٽي سگھن.آئون اعليٰ عملدارن کي عرض ٿو ڪريان ته مھرباني ڪري 01 کان 04 گريڊ جا سڀ آرڊر آءِ بي اي يا پي ٽي ايس کي ڏنا وڃن ته جيئن غريب پڙھيل لکيل نوجوانن سان انصاف ٿي سگھي. آئون نوجوانن کي به عرض ٿو ڪريان ته مھرباني ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ پنھنجو ووٽ ڪنھن سٺي ۽ غريب دوست حڪمران کي ڏين ته جيئن ڪنھن قابل انسان کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملي سگھي.
محمد نصير ڪلھوڙو/ ڳوٺ خميسو ڪلھوڙو، نوشھروفيروز